نوشهري ۾ 8، ايڇ آءِ وي پازيٽو ڪيس ظاهر، مفت ڪيمپ قائم

نوشھروفيروز(ڊ ر) سول اسپتال ۾ صحت کاتي پاران ايڇ آءِ وي مريضن جي نشاندهي لاءِ اسڪريننگ ڪئمپ لڳائي وئي. ڪئمپ جي پهرين ڏينهن 92 ماڻهن جي رت جي ٽيسٽ ڪئي وئي. اسڪريننگ دوران 8 ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو ظاهر ٿي آهي. جڏهن ته اسپتال انتظاميه پاران ايڇ آءِ وي پازيٽو ماڻهن جا نالا راز ۾ رکيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالله تنيو 8 ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو اچڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته اسپتال ۾ ماڻهن جي مفت اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ايڇ آءِ وي مريضن جو علاج ڪرايو ويندو. هن چيو ته ايڊز يا ايڇ آءِ وي به ٻين بيمارين وانگر هڪ بيماري آهي جنهن ڪري ماڻهن کي پريشان ٿيڻ بجاءِ ان جو علاج ڪرائڻ گهرجي، صحت کاتو ساڻن ڀرپور سهڪار ڪندو. هن چيو ته مريضن کي صرف احتياط کان ڪم وٺڻو آهي ۽ عام ماڻهن کي اهڙن مريضن کان نفرت نه ڪرڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو