نوشهرو وٽ حادثو راهگير فوت، ڊرائيور زخمي

نوشھروفيروز(مشتاق حسين مري) قومي شاهراه تي بلوچ ھوٽل وٽ تيز رفتار ڪار اوور ٽيڪ ڪندي راهگير مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ امير بخش مري جو رهواسي محمد عرس مري ۽ ڪار سوار لاڙڪاڻي جو رهواسي عبدالرزاق سولنگي شديد زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور سول اسپتال نوشھروفيروز پهچايو ويو جتي محمد عرس مري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو۔ نوشھروفيروز پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو