نوري آباد پاور پلانٽ ڪيس 6 سيپٽمبر تي فرد جرم لاءِ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاءِ 6 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، احتساب عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دروان وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، ٻن شريڪ جوابدارن جي غير حاضري سبب فرد جرم واري ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي، ريفرنس ۾ شريڪ ٻن جوابدارن جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته هو ڪورونا ۾ مبتلا آهن، نياز علي شيخ پاڻ ڪورونا سان متاثر جڏهن ته جوابدار خالد جي گهر واري ۽ پٽ ڪورونا سان متاثر آهي، احتساب عدالت ريمارڪس ڏنا ته ايندڙ ٻڌڻي تي سمورا جوابدار هر صورت ۾ پيش ٿين، جيڪڏهن ڪو پيش نه ٿيو ته گرفتاري وارنٽ جاري ڪنداسين، جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 سيپمٽبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو