نوري آباد بجلي گهرجي تعمير ۾ مبينه ڪرپشن 3 ڄڻا گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب جي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم نوري آباد پاور پلانٽ ۾ مبينه ڪرپشن ڪيس ۾ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن جو راهداري رمانڊ وٺي کين وڌيڪ جاچ لاءِ اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو. گرفتار ٿيلن ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جو چيئرمين خورشيد جمالي، سيد محمد آصف ۽ سيد محمد عارف شامل آهن. پيپلز پارٽي جي قيادت خلاف 16 ڪيسن جي جاچ ڪندڙ نيب جي ٽيم جو چوڻ آهي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ هيٺ 13 ارب روپين جي لاڳت سان گيس تي هلندڙ 100 ميگا واٽ بجلي ٺاهيندڙ نوري آباد پاور پلانٽ ۾ ڪرپشن ٿي آهي. هن پلانٽ جا 49 سيڪڙو شيئر سنڌ جا آهن. نوري آباد کا ڪراچي تائين 132 ڪي وي ڊبل سرڪٽ ٽرانسميشن لائن وڇائڻ تي هڪ ارب پنجانوي ڪروڙ روپيا خرچ آيو هو. ان وقت ڪمپني جو ڊائريڪٽر جمالي هو.  هن پلانٽ لڳائڻ جو مقصد سنڌ لاءِ سستي بجلي حاصل ڪرن ڄاڻايو ويو هو، ان وقت پاڻي تي ٺهندڙ بجلي سنڌ کي 15 روپيا في يونٽ ملي پئي ۽ هن پلانٽ مان 10 روپين کان به گهٽ في يونٽ بجلي ملڻي هئي. ڪمپني هلندڙ سال 6 ارب 62 ڪروڙ روپيا ڪمائي ڄاڻائي هئي. نيب جي ذريعن الزامن جو تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو