نوجوان پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويو، لاش جي ڳولا جاري

اوٻاوڙو (رپورٽ  غلام علي رند)ماڇڪو مان ڳوٺ عبدالمجيد ميمڻ جو رهواسي 15 سالا نوجوان  فرمان علي ميمڻ ولد نور احمد ميمڻ  مريد شاخ سي پيڪ انٽر چئنج لڳ گهوٽڪي فيڊر آر ڊي 42 ۽ 43 وٽ   پير ترڪڻ سبب گڊو بئراج مان نڪرندڙ گهوٽڪي فيڊر ۾  ٻڏي ويو.  وارثن گهوٽڪي فيڊر ۾ پاڻي روڪڻ۽ لاش جي ڳولا ڪرائڻ ۾ انتظاميه ۽ وس وارن کان مدد ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي.جڏهن ته ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ لاش ڳولا ڪرڻ ۾مصروف آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو