نوجوان ناري ڳچيءَ ۾ رسو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي

بلڙي شاھ ڪريم (مير حسن رند) گھڙو موري جي رھواسڻ نوجوان ڇوڪري 16 سالا  شانتي ڌيءَ ڏيوو ڪولھي مبينا گھر جي ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاھي تي لٽڪي خودڪشي ڪري  پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو. جڏهن ته  خودڪشي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي. بلڙي شاھ ڪريم پوليس گھڙو موري پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال کڻائي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو