نوجوانن کي ايجادن ۽ نظرين تحت دنيا ۾ اڳتي وڌڻو آهي؛ گوررنر

سکر (امداد علي ڪلوڙ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته دُنيا نون نظرين ۽ خيالن تحت اڳتي وڌي رهي آهي، پاڪستان جي نوجوانن کي وطن ۽ پاڻَ تي ڀروسو ڪري خوشحاليءَ خاطر آئڊياز ۽ ايجادن سان چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت اربين رپين جي فنڊن سان لکين نوجوانن کي فني سکيا ۽ مالي مدد فراهم ڪندي. هن اهڙو اظهار سکر آئي بي اي يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ بير وينچرز  (آمريڪا) Bir Ventures USA  پاران سکر آءِ بي اي جي سهڪار سان ڪوٺايل ڪامياب جوان اسٽارٽ اپ پاڪستان پائلٽ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته نوجوانن جي اندر ۾ اُها آڳ موجود آهي جيڪا ٽيلنٽ ۽ صلاحيتن جي صورت ۾ نڪري ملڪ جو مستقبل سنواري سگهي ٿي، ڪامياب جوان پروگرام نوجوانن کي پنهنجا ڪاروبار هلائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته منزل اُن جا ئي قدم چُمندي آهي جنهن جا خواب ۽ جدوجهد وڏي هوندي آهي، ڪامياب جوان پروگرام به ان سوچ سان شروع ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ جي 6 اسٽوڊنٽس جي گروپ ڊرون ٺاهيو هو جنهن کي انگلينڊ ۾ ٿيل مقابلي ۾ اماڻيون سين جنهن پهريون انعام کٽيو آهي. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته اسانجي حڪومت اهڙن ئي نوجوانن ۽ مستقبل جي معمارن جي چيچ پڪڙي کين اڳتي وٺي هلڻ گهري ٿي، پنهنجا آئڊياز شيئر ڪيو ۽ ايجادون توڙي تخليقون دُنيا آڏو پيش ڪيو، اسين اهڙن نوجوانن جي هر ممڪن فني، تربيتي ۽ مالي مدد لاءِ تيار آهيون. گورنر سنڌ عمران اسماعيل نوجوانن تي زور ڀريو ته اهي تعليمي ادارن مان پاس آئوٽ ٿيڻ بعد لاهن چاڙهن ۽ ناڪامين کان نه گهٻرائين، هر ناڪاميءَ ۾ پيغام هوندو آهي جنهن هار مان سکي ورتو اُهو ئي ڪامياب ٿيندو آهي. اِن کان اڳ ڪامياب جوان پروگرام جي فوڪل پرسن شهزاد گل ٻڌايو ته ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر وارن جي آهي، پاڪستان نوجوانن جي آبادي جي لحاظ کان دُنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي. هن چيو ته يوٿ انٽرپينوئرشپ پروگرام تحت 100 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا جنهن لاءِ 10 لک درخواستون مليون آهن، اهڙي ريت اسٽارٽ اپ پروگرام تحت 1.3 ملين نوجوان هر سال فائدو وٺي سگهندا، ملڪ جي 200 يونيورسٽين ۾ انفارميشن سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت هڪ ملن شاگردن کي انٽرپينوئرشپ ٽريننگ ڏني ويندي، جن ۾ 200 يونيورسٽين سميت 300 فني ادارا ۽ 100 مدرسا به شامل آهن جتي پڻ انٽرپينوئرشپ سکيا جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. تقريب کي خطاب ڪندي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر نثار احمد صديقي چيو ته ٻن ڪمرن ۾ شروع ڪيل سکر آءِ بي اي هن وقت پاڪستان جي ٽاپ فائيو رينڪنگ يونيورسٽين ۾ شامل ٿي وئي آهي، ٽيلنٽ هنٽ پروگرام سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هلايو پيو وڃي، جنهن تحت غريب ۽ هوشيار ٻارڙن کي اسڪالرشپ تحت معياري تعليم فراهم ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي بير وينچر جي سِي اِي او حسن سيد، انوويشن پاڪستان جي ڪوآرڊينيٽر گلفام احمد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نثار صديقي پاران گورنر سنڌ عمران اسماعيل کي ثقافتي سوکڙيون ۽ شيلڊس پڻ ڏنيون ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو