نوجوانن جي ذهني واڌ لاءِ رانديون ضروري آهن، قاسم نويد

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ مظفر علي بروهي)تعليم سان گڏ رانديون پڻ ٻارن جي ذھني واڌ ويج لاء ضروري آھن اھڙو اظھار وزيراعلي سنڌ جي خاص معاون براء انويسٽمينٽ ڊيپارٽمينٽ ۽ پبلڪ پرائويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽس سيد قاسم نويد ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ ٽنڊو محمد خان فٽبال اڪيڊمي جي انعام ورھائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ايم پي اي عبدالڪريم سومرو ؛ سينئير نائب صدر پير عاقب جان سرھندي ؛ مير علي رضا ٽالپر ۽ ٻيا موجود ھئا تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعلي جي خاص معاون  سيد قاسم نويد چيو  ته رانديون انساني صحت لاء تمام ضروري آھن خاص ڪري فٽبال ۾ جسم سان گڏوگڏ دماغ جو استعمال پڻ ٿئي ٿو اسانجي پھرين ترجيح آھي ته تعليم سان گڏوگڏ ٻارن ۾ راندين لاء شوق پيدا ڪريون ۽ راندين لاء گرائونڊ ۽  راندين ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ٻارن کي مھيا ڪريون.

پهنجو تبصرو موڪليو