شميم اختر جي تدفين لاهور ۾ ٿيندي، شهباز جي پيرول لاءِ درخواست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف جي امڙ شميم اختر وفات ڪري وئي. سندس تدفين جاتي امرا ۾ ڪرڻ لاءِ تياريون جاري آهن. ميان شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ٻن هفتن لاءِ پيرول تي آزادي لاءِ درخواست ڊي سي لاهور کي ڏني وئي. مسلم ليگ (ن) سڀ سرگرميون ملتوي ڪيون آهن. مريم نواز پنهنجي والد نواز شرڳف کي اپيل ڪئي آهي ته هو في الحال وطن نه موٽي ۽ لنڊن ۾ رهي علاج ڪرائي. گذريل ڏينهن مسلم ليگ (ن) جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عطا تارڙ ٽوئٽر تي فوتگي جو اعلان ڪيوهو. هوءَ لنڊن م پنهنجي وڏي پٽ نواز شريف وٽ ترسيل هئي. 90 سالن جي بيگم شميم اختر جي هڪ هفتي کان طبيعت خراب هئي آچر تي صبح جو هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. ميان شهباز شريف ۽ سندس وڏو پٽ حمزه شهباز ڪرپشن جي الزامن ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهن،

پهنجو تبصرو موڪليو