نواز شريف ڪافي بيمار لڳي پيو، بلاول جو ملاقات بعد بيان

لاهور (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سومر تي نواز شريف سان ملاقات بعد چيو آهي ته ميثاق جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻايو ويندو، سياسي ڏکيائين ۽ نظام ۾ ڪمزورين جو حل ڪڍڻو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوٽ لکپت جيل ۾ اڄ نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم جي عيادت ڪئي. نواز شريف سان ملاقات بعد لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم عمران خان انساني حقن جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ٻئي پاسي ملڪ جو 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نواز شريف بيماري جي حالت ۾ جيل اندر آهي. هن چيو ته اڄ مون لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ طبيعت پُڇي، نواز شريف گهڻو بيمار لڳي رهيو آهي، هو جهڙي قسم جي علاج جو مطالبو ڪري رهيو آهي، کيس اُهو علاج مهيا ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف سان ميثاق جهوريت تي ڳالهه ٻول ٿي، نواز شريف ۽ شهيد بينظير ڀٽو 2006ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون هيون، مان سمجهان ٿو ته اسان ميثاق جهموريت تي مڪمل عمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهيون. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ عدالتي سُڌارن سوڌو گهڻن معاملن تي ڪم ناهي ڪيو، اها اسان جي ناڪامي آهي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته موجوده سياسي ڏکيائين ۽ نظام ۾ ڪمزورين جو حل ڪڍڻ گهرجي، ميثاق جمهوريت تي مڪمل طور عمل ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان نٿو سمجهان ته ڪا ڊيل ٿي رهي آهي، نواز شريف پنهنجي اصولن تي بيٺل نظر اچي رهيو هو، ماڻهو سندس حوالي سان سازشون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نواز ميثاق جمهوريت کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻايو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پڙهيل لکيل جاهل اسد عمر منهنجي انگريزيءَ تي تنقيد ڪئي آهي، کائنس پُڇو ته جنهن ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو، اُتي اردو ۾ ڳالهائيندو هو يا انگريزي ۾. اسد عمر کي ڪير ٻڌائي ته آئون پنهنجي نالي پويان ڀٽو سان گڏ زرداري به استعمال ڪندو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو