نواز شريف قومي ادارن خلاف سازش پيو ڪري، شهباز گِل

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي مشير شهباز گِل چيو آهي ته نون ليگ اڄ سازشي ليگ بڻجي چڪي آهي، جيڪا ملڪي ادارن خلاف سازش پئي ڪري. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  هن چيو ته نوازشريف ڀارتي وزيراعظم سان ٿيندڙ ڳجهين ملاقاتن جي باري ۾ قوم کي ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جون ڪجهه تقريرون ملڪ جي مفاد ۾ نه هيون ۽ مان پهرين ڏينهن کان ئي چيو هو ته نوازشريف جي تقرير کي نشر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. هن چيو ته 10 مهينن کان پوءِ خبر پوندي ته نوازشريف جي تقريرن سان ڪهڙو نقصان  ٿيو آهي. جڏهن ته اسان کي سياسي طور تي نوازشريف جي تقريرن سان ڪوبه مسئلو نه آهي. هن چيو ته نوازشريف پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي به پريشانين ۾ وجهي ڇڏيو آهي. شريف فيملي پروپيگنڊا ڪيو ته حڪومت هنن جون ضمانتون رد ڪرايون آهن. حالانڪه هنن پاڻ ئي ضمانت جون درخواستون واپس ورتيون هيون. هن چيو ته نوازشريف پاڪستان جو دشمن نه پر ننڍي سوچ جو  ڪاروباري ماڻهو آهي. ڇا پاڪستان جو ڪوبه واپاري ڀارت وڃي ان جي وزيراعظم سان ملي سگهي ٿو.؟ ڇا نوازشريف ڀارتي وزيراعظم سان کٽمنڊو ۾ ڳجهي ملاقات نه ڪئي هئي؟ هو قوم کي جواب ڏي ته جندال سان ھجهي ملاقات ۾ هن ڇا چيو هو؟ ڇا مودي کي هن اهو ڪون چيو هو ته پاڪستاني فوج ٻنهي ملڪن جي سياسي لاڳاپن جي بهتري نٿي چاهي؟ هن چيو ته نوازشريف کان جڏهن سوال ٿيندو آهي ته اوهان دشمن سان ڪاروبار ڇو ڪري رهيا آهيو ته هن کي تڪليف ٿيندي آهي. نوازشريف ڀارت ۾ حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف کي 1993ع ۾ به فوج سان مسئلو هو ۽ ان کان اڳ غلام اسحاق خان به هن لاءِ مسئلو بڻيل هو. نوازشريف اميرالمومنين بڻجڻ چاهيو ٿي. شهباز گِل چيو ته ڀارت فوج خلاف بغاوت ڪري ملڪ ٽوڙڻ چاهي ٿو ۽ ففٿ جنريشن واري جنگ ۾ نواز شريف ڀارت جو ساٿي بڻيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو