نواز شريف سميت 40 اڳواڻن تي سازش جو ڪيس داخل

لاهور (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سوڌو نواز ليگ جي 40 کان وڌيڪ اڳواڻن خلاف مجرماڻي سازش جو ڪيس داخل، لاهور جي شاهدره ٿاڻي تي شهري بدر رشيد جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ مريم نواز، راجا ظفر الحق، شاهد خاقان عباسي، اياز صادق، محمد زبير، مريم اورنگزيب ۽ ٻيا اڳواڻ جوابدار نامزد، ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نواز شريف ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ چڙ ڏريايندڙ تقريرون ڪيون ۽ ڀارت جي پاڪستان دشمن پاليسي جي تائيد ڪئي، ليگي اڳواڻن طرفان نواز شريف جي موقف جي تائيد به مجرماڻي سازش جي زمري ۾ اچي ٿي، وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته عوامي دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي نواز شريف خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو