نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تازي ميڊيڪل رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. ايڊووڪيٽ امجد پرويز لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف جي 3 صفحن جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽرن نواز شريف کي سفر ڪرڻ کان روڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ڪورونا وبا جي ڪري عوامي هنڌن تي وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهي ، کيس وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، نواز شريف کي لنڊن ۾ پنهنجي اسپتال جي ويجهو رهڻ گهرجي. امجد پرويز ايڊووڪيٽ پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي جتي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي سندس صحت جي خبر آهي، نواز شريف لنڊن ۾ بهترين علاج حاصل ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو