نواز شريف جي ملڪيت جا تفصيل عدالت ۾ پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تو شه خانه ريفرنس ۾ نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اثاثن جو تفصيل احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. نيب جي تفتيشي آفيسر محمد راحيل اعظم پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف جا محمد بخش ٽيڪسٽائل ملز ۾ 4 لک 67 هزار 950 شيئرز آهن، حديبيه پيپر ملز ۾ 3 لک 43 هزار 425۽ حديبيه انجنيئرنگ ڪمپني ۾ 22 هزار 213 شيئرز ۽ اتفاق ٽيڪسٽائل ملز ۾ 48 هزار 606 شيئرز جو مالڪ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نجي بئنڪن ۾ کُوليل نواز شريف جي 8 اڪائونٽس مان 5 اڪائونٽس ۾ 6 لک 12 هزار رُپيا موجود آهن ، پرڏيهي ڪرنسي وارن 3 اڪائونٽس ۾ 566 يورو، 698 امريڪي ڊالرز ۽ 498 برطانوي پائونڊ موجود آهن، نيب جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ۽ سندس ڪفالت هيٺ آيل ماڻهن جي نالي 1752 ڪنال يعني 219 ايڪڙ زرعي ايراضي آهي. سندس خاندان جي لاهور، شيخوپوره، مري ۽ ايبٽ آباد ۾ به ملڪيتون آهن، ملڪيتن ۾ مري وارو بنگلو، ايبٽ آباد جي ڇانگلا گلي ۾ 15 ڪنال تي تعمير ٿيل گهر ۽ اپر مال لاهور شامل، ايڪسائيز کاتي موجب نواز شريف هڪ لينڊ ڪروزر ۽ 2 مرسڊيز گاڏين ۽ ٻن ٽرئڪٽرز جو مالڪ آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن احتساب عدالت نواز شريف جي ملڪيتن ۽ اثاثن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو