نواز شريف جي افغان نمائندن سان ملاقات تي ٿيندڙ بحث

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات  واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نريندرا مودي هجي يا حمد الله محب يا امر الله صالح سوڌو پاڪستان جو هر دشمن نواز شريف جو ويجهو دوست آهي. لنڊن ۾ افغانستان حڪومت جي ٻن نمائندن جي نواز شريف سان ملاقات تي تبصرو ڪندي هن  پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته نواز شريف کي پرڏيهه اُماڻڻ خطرناڪ هو، اهڙا ماڻهو عالمي سازش ۾ مددگار بڻجي ويندا آهن، نواز شريف جي افغانستان ۾ را جي اهم ساٿي سان ملاقات سازش وارين ڪارروائين جو ثبوت آهي.

لنڊن ۾ موجود  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان افغان سلامتي بابت صلاحڪار حمد الله محب ۽ امن بابت مملڪتي وزير سعادت نادري ملاقات ڪئي هئي ۽ سوشل ميديا تي جاري ڪيل تصوير ۾ چيو ويو ته گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

جنهن تي پاڪستان حڪومت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. فواد چوڌري کانسواءِ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مودي ۽ جندال سان قربت، مودي ۽ اسرائيل سان ملي ڪري عمران خان جو فون هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش، انڊيا ۾ ويهي پاڪستاني فوج جي خلاف زهر اوڳاڇڻ، ڊان ليڪس ۽ هي تازو اڳڀرائي پاڪستان جي رياست کي گاريون ڏيندڙ شخص سان ملاقات، ڇا هن سان واضح نٿو ٿئي ته نواز شريف جي ايجنڊا ڇا آهي. فواد چوڌري  جي ٽوئيٽ بعد سوشل ميڊيا تي افغانستان جي قومي سلامتي بابت صدر جي مشير جي هڪ تصوير آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي به گردش آهي ۽ فواد کان سوال ڪيو ويو آهي ته را جو هي ايجنٽ آرمي چيف سان ڪيئن پيو ملي؟

هوڏانهن مريم نواز چيو آهي ته پاريسري ملڪن سان پرامن تعلقات نواز شريف جي فارين پاليسي جو اهم جُز رهيو آهي.حڪومت کان ڪو پڇڻ وارو ناهي تڏهن هنن جا حواس خطا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو