نواز شريف پاڻ کي ڪوٽ لکپت جيل حوالي ڪري ڇڏيو

لاهور (م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ مليل سزا واري ڪيس ۾ طبي بنيادن تي ڇهن هفتن جي عبوري ضمانت جي مدت ختم ٿين بعد پاڻ جلوس جي شڪل ۾ روزو کولڻ بعد ڪوٽ لکپت جيل پهتو ۽ پاڻ کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. ترجمان موجب هزارين ماڻهن جي جلوس سبب پهچڻ ۾ کيس دير ٿي. سوا ٻارهين وڳي کيس جيل  ۾ واڙيو ويو. هن مريم کي فرنٽ سيٽ تي ويهاري اهم پيغام ڏنو بعد ۾ هنن سيٽون مٽايون. مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف ۽ حمزه شهباز ساڻس گڏ آهن. پنجاب جي گهرو کاتي طرفان نواز شريف کي جيل ٽائم تائين اچڻ لاءِ چيو ويو هو پر هن چيو ته هو روزو رائيونڊ ۾ کولي پوءِ ويندو. حمزه شهباز سندس گاڏي هلائي پيو. موقعي تي مريم چيو ته ڳڻي سگهو ته ڳڻيو گهڻا ماڻهون آهن. مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي وڏي انگ ۾ پهچڻ لاءِ چيو ويو هو ۽ ان لاءِ پوسٽر به شايع ڪرايا ويا هئا. ڪوٽ لکپت جي جيلر اڳ ۾ چيو هوته جيل بند ٿي چڪو آهي ۽ نواز شريف کي هو نه وٺندا پر بعد ۾ پنجاب هوم ڊپارٽمينٽ جي هدايت تي کيس جيل حوالي ڪيو وي. جيل ۾ ڪالهه ئي ڇنڊ ڦوڪ ڪري سندس ڪمري کي بهتر ڪيو ويو هو. نوازشريف هنڌ بسترو پنهنجو ذاتي استعمال ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جي اطلاعات بابت مشير فردوس عاشق اعواڻ ڪابينا جي فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ميڊيا کي صلاح ڏني ته هڪ سزا يافته شخص کي هيرو ڪري پيش نه ڪيو وڃي. هوڏانهن پنجاب جي گهرو کاتي پڻ نواز شريف کي هدايت ڪئي هئي ته هو جلوس وغيره نه وٺي اچي. رائيونڊ کان ڪوٽ لکپت تائين اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو آهي پر جلوس سبب نوازشريف ساڍن چ.ن ڪلاڪن ۾ پهتو. نواز شريف چيو ته ڪارڪنن کي خبر پئجي وئي ته کيس ڪهڙي گناهه جي سزا ملي آهي. مريم چيو ته جيڪي چون ٿا ته عوام ساڻن گڏ ناهي اهي ڏسي ڇڏن ته ڪيترا ماڻهون ساڻن گڏ آهن. هن لاهورين جو شڪريو به ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو