نواز جي ساٿين رشوت آڇي، فيصلو ثبوتن مطابق ڏنو، مريم غلط بياني ڪئي، جج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نوازشريف کي سزا ڏيندڙ اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج مريم نواز جي پريس ڪانفرنس دوران ڏيکاريل وڊيو کي ڪوڙو ۽ مفروضن تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته فيصلو ثبوتن مطابق ڪيو آهي. آچرتي جاري ڪيل بيان ۾ محمد ارشد ملڪ وڌيڪ چيو آهي ته مريم نواز منهنجي ساک خراب ڪرڻ ۽ عدليا کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هنن سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ وڊيو ظاهر ڪئي آهي. جج مطالبو ڪيو آهي ته جڙتو ويڊيو وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. جج بيان ۾ چيو آهي ته مون مريم نواز جي پريس ڪانفرنس ۽ مون سان منصوب وڊيو کي ڏٺو آهي، اُن پريس ڪانفرنس ذريعي سنگين الزام لڳائي سندس ذات، اداري ۽ خاندان جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. تنهن ڪري اُن حوالي سان حقيقتون منظرعام تي آڻڻ گهران ٿو. جج ارشد ملڪ چيو ته هو راولپنڊي جو رهواسي آهي ۽ جج ٿيڻ کان اڳ هو وڪيل هو، وڊيو ۾ ڏيکاريل ناصر بٽ به ساڳئي شهر جو آهي، جنهن سان منهنجو پُراڻو واسطو رهيو آهي. ناصر بٽ ۽ سندس ڀاءُ عرصي کان مون سان ملندا رهندا آهن. اسلام آباد احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ چيو ته مريم صفدر جي پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاريل وڊيو نه رڳو حقيقتن جي اُبتڙ آهي، وڊيو ذريعي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي مڪروهه ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته مريم نواز جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ضروري آهي ته سچ کي منظرعام تي آڻيان. نواز شريف خلاف ڪيسز جي ٻڌڻين دوران مون کي سندن نمائندن طرفان هر هرڳري رشوت جون آڇون ڪيون ويون، بلڪه سهڪار نه ڪرڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون. جج ارشد ملڪ جو چوڻ آهي ته هُن آڇن ۽ ڌمڪين کي سختي سان رد ڪندي حق تي قائم رهڻ جو عزم ڪيو ۽ پنهنجي جان ۽ مال کي الله جي حوالي ڪيو. جيڪڏهن آئون دٻاءُ يا لالچ ۾ اچي فيصلو ٻڌايان ها ته هڪ ڪيس ۾ بري ۽ ٻئي ۾ سزا ڇو ڏيان ها. پريس رليز ۾ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ چيو ته آئون واضح ڪرڻ گهران ٿو ته مون تي سڌي يا اڻ سڌي ريت ڪوبه دٻاءُ نه هو، مون قانون ۽ شاهدين جي بنياد تي ڪيس جا فيصلا ڏنا. منهنجي فيصلن کي تڪراري بڻائڻ ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ مريم نواز جي پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاريل وڊيو ڪوڙي ۽ مفروضن تي ٻڌل آهي. تنهن ڪري اُن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو