نوابشاهه پوليس هٿان چوٿون گرفتار نوجوان هاف فراءِ

نوابشاهه(اي ڪي ڏاھري)اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس مهراڻ ڪالوني مان 18 ورهين جي عبدالمالڪ ولد محراب جلباڻي کي زبردستي کنڀي پٻ جو ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ، پٻ جو پوليس نوجوان کي اکيون ۽ هٿ پٺيان ٻڌي اڻڄاتل هنڌ تي بيهاري کيس ساڄي ڄنگهه ۾ گولي هڻي ڪوڙو مقابلو ظاهر ڪري ڇڏيو. نوابشاهه ۾ ٿوري عرصي ۾ گرفتار ڪيل نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو هي چوٿون واقعو آهي. پوليس ڄاڻايل نوجوان کي پي ايم يو اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ بعد پوليس مقابلي جي دعويٰ ڪندي ڄاڻايو ته پوليس پارٽي رات جو پنهنجي معمول واري گشت تي هئي ته ساوڙي موڙ وٽ نوجوان عبدالمالڪ جلباڻي سميت ٽي هٿيار بند ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هئا جن پوليس کي ايندو ڏسي فائرنگ ڪري ڏني پوليس بچاءُ ۾ جوابي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ عبدالمالڪ جلباڻي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو ۽ ٻه هٿيار بند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عبدالمالڪ جلباڻي جا وارث پوليس کي جهوليون جهلي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي چئي رهيا هئا ته اسان جي معصوم ۽ بيگناهه نوجوان کي معذور بنائيندڙ پوليس تي خدا تعاليٰ ڪو ڪهر نازل ڪري. هن واقعي کان اڳ ٽن نوجوانن 12هين جماعت ۾ پڙهندڙ بابر علي ڪيريو، ذاڪر شبير، دادو واسي سڪندر جمالي کي ٻنهي ڄنگهين ۾ گوليون هڻي بنا ڪنهن ڏوهه جي هاف فرائي ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو