نصرت ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي استعيفا ڏئي ڇڏي

سکر(بيورو  رپورٽ) بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين پنھنجي عھدي تان استعيفي ڏئي ڇڏي آهي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين پنھنجي استعيفي سنڌ جي وڏي وزير ڏانھن اماڻي ڇڏي، جنهن ۾ هن چيو ته: 30 آڪٽوبر تائين پنھنجون ذميواريون ادا ڪندي رھنديس،  پھرين سيپٽمبر تي چارج ڇڏي ڇڏيندس. خط ۾ چيو ويو آهي ته آڪٽوبر 2019ع ۾ وائيس چانسلر بيگم يونيورسٽي طور سندس مقرري ٿي، ان وقت يونيورسٽي صرف ڪاغذن ۾ موجود ھئي ۽ ڪئمپ جو انتھائي سست رفتاريءَ سان ڪم ھلندڙ ھيو. هن چيو ته چارج وٺڻ کان پوءِ مون يونيورسٽي جي پوري باڊي مڪمل ڪرائي، تعليمي پروگرام شروع ڪرائڻ لاءِ صرف ٻن مھينن ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن کان اين او سي حاصل ڪئي. خط ۾ چيو ويو ته اشتھارن ذريعي سليڪشن بورڊز منعقد ڪري ميرٽ تي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف ڀرتي ڪيو، ھڪ سال اندر بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪمپيوٽر سائنس، انگريز، تعليم ۽ فزيوٿراپي پروگرامن جي شروعات ڪئي، ھلندڙ سال وڌيڪ 300 شاگرياڻين داخلائون وڌيون ھاڻي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردياڻين جي تعداد 600 ٿي ويندي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ثمرين حسين کي يو ايس ايڊ ۾ ڊپٽي مشن مقرر ڪيو ويو آھي جنهن سلسلي ۾  وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڊاڪٽر ثمرين جي استعيفي منظور ڪري ورتي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو