نصرت واهه ۾ ڪوٽ لالو واسي نوجوان ٻڏي فوت

دريا خان مري(ن س) ڪوٽ لالو اسٽيشن جو رھواسي نصرت واھ ۾ پنھنجي چاچي عبدالله سان گڏ وھنجندي 17 ساله سونو پٽ راجا عيسائي  ٻڏي ويو. چاچي عبدالله جي رڙين تي نصرت واھ تي بيٺل شھرين ۽ ڀرپاسي جي ماڻھن  بروقت نصرت واھ ۾ ٻڏندڙ سونو عيسائي کي نصرت واھ مان ڪڍي شھرين  رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري اسپتال منتقل ڪيو جتي ايم ايس پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. نوجوان جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي سندس وارث اسپتال پھتا ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو