نشوا ڪيس ۾ فرارملزمن جي هاءِ ڪورٽ مان ضمانت منظور

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) نشوا ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ تي دارالصحت اسپتال جو مالڪ ملڪ عامر چشتي ۽ وائيس چيئرمين علي فرحان عدالت مان اڱاري تي فرارٿي ويا هئا پر اربع تي 10 ڏينهن لاءِ پنج پنج لک جي مچلڪن عيوض سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي. ڪراچي جي مقامي عدالت طرفان غلط انجيڪشن هڻڻ سبب 9 مهينن جي ٻارڙي نشوا جي فوتگي واري ڪيس ۾ ٻئي ملزم جج پاران سندن ضمانت رد ڪرڻ جو جيئين ئي حڪم ٻڌايو ته هو کسڪي ويا. جاچ آفيسر عدالت ۾ موجود هو پر هن کين پڪڙڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. اڙي شڪايت فريادي جي وڪيل جج کي به ڪئي. جج پوليس آفيسر کي حڪم ڏنو ته اڄ فرار ٿيل ٻنهي ملزمن سميت جيڪي 6 جوابدار روپوش آهن سڀني کي گرفتار ڪري 11 مئيتي عدالت ۾ پيش ڪريو.  دارلصحت اسپتال جي مالڪ ۽ وائيس چيئرمين جي وڪيل اڳ ۾ عدالت کي ٻڌايو ته فوتگي غلطي سبب ٿي آهي پر ايف آءِ آر ۾ ڄاڻي واڻي قتل جي شق شامل ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته 9 مهينن جي ٻارڙي نشوا کي پيٽ ۾ سور سبب 7 اپريل تي ڪراچي جي غير رجسٽرڊ نجي اسپتال دارالصحت ۾ آندو ويو، جتي غلط انجيڪشن جي ڪري هن جي دماغ کي نقصان پهتو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد فوت ٿي وئي. جنهن تي سندس والد اسپتال تي ڪيس ڪيو. شروع ۾ ته سنڌ حڪومت اسپتال سيل ڪري نوان مريض داخل ڪرڻ تي پابندي هنئي پر بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ اسپتال کولڻ جو حڪم جاري ڪيو. سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جاچ بعد ٻڌايو ته هن اسپتال ۾ جعلي ڊگرين وارا ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل جو اسٽاف ڪم ڪري ٿو ۽ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ عملو غير تربيت يافته آهي. نشوا جي والد قيصر علي چيو آهي ته اسپتال کولڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي هو جلد سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو