نجي اسپتالن پاران سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ۾ واڌ جي سفارش

ڪراچي (شهزادو مستوئي) نجي اسپتالن جي مالڪن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ساهه سان ملاقات ڪري ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ لاڪ ڊائون جي مدت ۾ واڌ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. هوڏانهن تاجرن ڌمڪي ڏني آهي ڪاروبار نه کليو ته هو پان ئي دوڪان کولي ڇڏيندا ڇو ته غريبن جي مدد ڪرڻ وارا تاجر ٽن هفتن کان ڪاروبار بند هئڻ سبب پاڻ محتاج ٿي ويا آهن. وڏي وزير جي ترجمان نجي اسپتالن جي مالڪن سان ملاقات بابت جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ضياءُ الدين اسپتال جي ڊاڪٽر عاصم حسين سنڌ حڪومت پاران ورتل اپائن جي تعريف ڪندي ان ۾ واڌ جو مشورو ڏنو. لياقت نيشنل اسپتال جي سلمان فريد چيو ته کين عملي لاءِ حفاظتي ڪٽس، ٽيسٽ ڪٽس ۽ دوائون فراهم ڪريو جيئن عام ماڻهن جو سستو علاج ڪري سگهون. وڏي وزير کين چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ايترا وسيلا ناهن ان جي باوجود به 104 بسترن تي مشتمل وائرس زده مريضن لاءِ علحده اسپتال قائم ڪئي آهي. هن نجي اسپتالن جي مالڪن کي چيو ته اوهين پنهنجي پنهنجي اسپتالن ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ ڌار وارڊ ۽ آءِ سي يو جو انتظام ڪريو. وڏي وزير چيو ته حڪومت کي عوام جي تحفظ لاءِ وائرس جي ڦهلاءَ جي صورت ۾ اوهان جي مدد ۽ مشورن جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو