انڌي ٻلهڻ 8 ڪلاڪن بعد سنڌو درياءَ حوالي

ڪرونڊي (علي حبيب رتڙ) علي نواز واھ مان ڳوٺ بنگل خان زرداريءَ وٽان مسلسل 8 ڪلاڪن جي آپريشن کانپوءِ جهنگلي جيوت کاتي جي ٽيم سڪيورٽي عملدارن رفيق احمد سهتو ۽ حامد خان جي سربراهيءَ ۾ سنڌو درياءَ مان لڙهي آيل ناياب قسم جي انڌي ٻلهڻ کي باحفاظت ڪڍي ورتو جنهن بعد ريسڪيو ٽيم انڌي ٻلهڻ کي سکر بئراج وٽان سنڌو درياءَ حوالي ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ڪجھ ڏينهن پهريان به ڪٻر مائينر مان ناياب نسل جي انڌي ٻلهڻ کي ريسڪيو ڪيو ويو هو. ڪالھ انڌي ٻلهڻ کي علي نواز واھ ۾ ماڙي شاخ پل وٽان ڳوٺاڻن ڄار کڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن بعد جهنگلي جيوت کاتي سکر جي عملدارن کي اطلاع ڏنو ويو هو جنهن تي سکر جهنگلي جيوت جي ٽيم پهچي انڌي ٻلهڻ جي زندگي بچائي ورتي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو