نان ڪيڊر من پسند آفيسرن خاطر ڪميشن پاس رُلي ويا؟

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان چٽا ڀيٽي جو امتحان پاس ڪري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر طور ڪامياب ٿيندڙ  اميدوارن جوائننگ نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو. پريس ڪلب ۾ امتحان پاس ڪندڙ امجد علي، نعيم الله، حسين احمد، خليل احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته 2018 ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ اسٽنٽ ڪمشنر، سيڪشن آفيسر، فوڊ ڪنٽرولر ۽ اسٽنٽ رجسٽرار ڪوآپريٽو سوسائٽيز وارن کي جوائننگ ملي وئي آهي پر ايڪسائيز جي اميدوارن کي جوائننگ نٿي ملي. 2 سال گذرڻ باوجود کين رڳو آسرا ڏنا ٿا وڃن. جڏھن ته آفر آرڊر ملڻ بعد اميدوارن کي قانون موجب 15 ڏينھن اندر جوائنگ آرڊر ملڻ گھرجي. ھنن چيو ته اسان سموريون قانوني گھرجون پوريون ڪيون آھن پر سيڪريٽري ايڪسائيز، صوبائي وزير ايڪسائيز اسان سان ملڻ لاء تيار ناھن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي اهم ماڻهن جا نان ڪيڊر آفيسر انهن عهدن تي ويٺا آهن جيڪي ڪروڙين روپيا رشوت سينئر آفيسرن، وزيرن ۽ مشيرن کي ڏين ٿا. ڪميشنڊ آفيسر اچڻ سان سندن ڀتا بند ٿي ويندا جنهن ڪري هنن کي جوائننگ نٿي ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو