نان جو اگهه گهٽ ڪرڻ خلاف شير مال نان وارن جي هڙتال

سکر (بيورو رپورٽ) شير مال نان ھوٽل مالڪن ۽ تندور وارن نانبائين طرفان نان جي اگھن تي ھلندڙ تڪرار حل نه ٿي سگهيو ڇهين ڏينھن به احتجاج جاري. هنن ڪاروبار بند رکي, سکر پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ريڪارڊ ڪرايو، ان ڏس ۾ آل سکر شير مال ھوٽلز ايسوسي ايشن پاران ضلعي انتظاميا پاران نان جو اگهه 15 مان 13 روپيا ڪرڻ لاءِ دٻاءَ خلاف احتجاج جاري رکندي علامتي بک هڙتال به ڪئي. آل سنڌ هوٽل شيرمال جي صدر افضل خان۔محمد شفيق ۽ ٻين چيو ته اسان مٿان مقامي انتظاميا نان جو اگھ گھٽ ڪرڻ لاء مسلسل دٻاء وجھي رھي آھي پر اسان مھانگو اٽو خريد ڪري سستو نان ۽ ماني وڪرو ڪري نه ٿا سگهون ڇاڪاڻ جو اڳ گهٽ اگهه تي ملندڙ اٽي جي ٻوري جو اگهه 7200 روپين ۾ ملي پئي ۔گئس۔بجلي ۽ ڪاٺيون به مهانگيون ٿي ويون آھن ان باوجود پنڌرنهن روپين ۾ نان وڪرو ڪيون پيا پر مقامي انتظاميه ٽي روپيا اگهه گھٽائڻ لاء ڌمڪائي پئي جيسين تائين مطالبا منظور نه ٿيندا ان وقت تائين پر امن احتجاج جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو