ناميارو اداڪار انوپم شيام 63 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالو ووڊ جي سينيمائن توڙي ٽي وي ڊرامن جو مشهور اداڪار انوپم شيام 63 سالن ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. هو 4 ڏينهن کان اسپتال ۾ داخل هو، سندس شگر تمام گهڻي هاءِ هئي ۽ ه مختلف بيمارين ۾ مبتلا هو. ڀارتي ميڊيا موجب سندس ڪيترائي عضوا ڪم نه پيا ڪن. هن آخري ڀيرو شوٽنگ ۾ به انسولين لڳائي شوٽنگ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو