ناصر شاهه نيب ۾ طلب، حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جَي صوبائي وزير ناصر شاهه نيب جي طلبي بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي، عدالت طرفان 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، ناصر شاهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هُو نيب سان جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي پر خدشو آهي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، نيب سکر ناصر شاهه کان بينڪ اڪائونٽس ۽ ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪيا هئا، نيب ناصر شاهه کي 9 آگسٽ تي نيب سکر ۾پيش ٿيڻ جو چيو آهي. ناصر شاهه ۽ ٻين خلاف اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ ۽ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 24 جي تحت ڪارروائي جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو