ناصر شاهه جي والدهه جي تدفين بعد تعزيت جو سلسلو جاري

سکر (جئيرام داس ) سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي امڙ جي جنازي نماز روهڙيءَ جي ڪربلا گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت اهم سياسي سماجي شخصيتن، وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيد ناصر حسين شاهه جي والده ماجده جي جنازي نماز مولانا سيد يوسف رضا ڪاظمي نجفي پڙهائي. جنازي نماز ۾ سيد اويس قادر شاهه، سيد فرخ شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، سيد فرخ شاهه، امداد پتافي، سعيد غني، اعجاز شاهه شيرازي، ڄام خان شورو، وقار مهدي، راشد رباني، آغا تيمور ٽالپور، سردار بنگل خان مهر، راجا خان مهر، علي گوهر مهر، نعمان اسلام شيخ، ارسلان اسلام شيخ، مولانا سيد عالم شاهه موسوي، سردار زاهد شاهه، سيد طاهر شاهه، سيد محمد عظيم شاهه ۽ ٻيا شامل آهن. بعد ۾ مرحومه جو مڙهه هزارين آلين اکين سان صالح پٽ ويجهو ڳوٺ ٽگهاٽو جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. تدفين کانپوءِ روهڙي جي گهانگهوٽي گرائونڊ ۾ دعاء مغفرت گهري وئي، جتي صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه سان سندس والده جي وفات تي تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي. سيد ناصر حسين شاھ جي امڙ جو مڙهه جنازي نماز کان پوءِ تدفين لاءِ اباڻي ڳوٺ ٽگهاٽي نيو ويو. سندس ڳوٺ تعلقي صالح پٽ ۾ واقع آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو