ناسا جو اجنبي مخلوق جي ڳولا جو نئون پروجيڪٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جو خلائي تحقيق وارو ادارو ناسا زحل جي چنڊ ٽائٽن تي اجنبي مخلوق جي ڳولا لاءِ پنهنجو مشن 2030 ۾ موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. مريخ تي موڪليل هيليڪاپٽر جيان خلائي گاڏي جنهن کي روٽرڪرافٽ جو نالو ڏنو ويو آهي، اها موڪليندو. زحل جي وڏي چنڊ ٽائٽن تي درياءَ ڍنڍون ۽ سمنڊ ڌرتي جيا آهن پر فرق اهو آهي ته پاڻي ميٿين جي پاڻياٺ وارو آهي. جنهن سبب اهو چئي سگهجي ٿو ته ڌرتي جيان ان سياري تي به زندگي جا آثار يا اجنبي مخلوق جو وجود ٿي سگهي ٿو. اهڙو اعلان ڪارنيل يونيورسٽي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو