نازيه ميمڻ جي بازيابي لاءِ برادري جو ڪٺ، احتجاج جي ڌمڪي

سجاول(سليم ملاح )ٻيلو شھر مان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل نينگري نازيه ميمڻ واري واقعي خلاف سنڌ ميمڻ اتحاد جو ڪٺ ٿيو. چيئرمين حاجي عبدالرزاق ميمڻ ٻيلي مان اغوا ٿيل نينگري جي گھر  پھتو، نينگري جي بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرن جو اعلان ڪيو. سجاول ضلعي جي شھر ٻيلو مان مبينه طور چانڊيا برادري جي ماڻھن معشوق چانڊيو، علي نواز چانڊيو ۽ سندس ساٿين پاران گھر تي حملو ڪرڻ ۽ 15 سالن جي نينگري نازيه ڌي عمر ميمڻ کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف سنڌ ميمڻ اتحاد جو صدر حاجي عبدالرزاق ميمڻ، سردار اياز ميمڻ, عبدالحميد ميمڻ، ظھير ميمڻ، ڪامران ميمڻ ۽ ٻيا ٻيلو شھر پھتا ۽ نينگري جي گھر پھچي سندس ماءُ سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سجاول ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي، شريف ميمڻ برادريءَ جي ھڪ نينگريءَ کي گھران زوري اغوا ڪرڻ وارو واقعو نھايت افسوسناڪ آھي جنھن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. ھن چيو ته پوليس پنھنجو فرض پورو ڪري ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائي. اسان چوڙيون ناھن پاتيون پنھنجي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا اسان جي شرافت کي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو