ناري سميت باندي بڻايل 4 ڄڻن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

خيرپور (ن سنڌيار)فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحيم چانڊيو جي عدالت خيرپور جي کهنواري، برادي جتوئي ۽ سوراهه ٿاڻي جي پوليس کي سرچ وارنٽ جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ناحق باندي بڻائيل 16 سالا نوجوان ناري شاهده ڌيءَ غلام حسين موهل، مختيار احمد، جنسار احمد ٻئي پٽ قطب الدين ملاح ۽ منظور ولد ٻاٻيهو چاڪراڻي کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. واضح رهي ته تعلقه نارا جي ڳوٺ ٻاٻيهو چاڪراڻي جي رهواسي محمد سکيل چاڪراڻي درخواست داخل ڪرائي آهي ته تعلقه نارا جي ڳوٺ مٺل مري جي رهواسي جوابدار علي گل، سبحان، محمد حيات ۽ راشد جمالي سندس ڀاءُ منظور کي ناحق باندي بڻائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن تعلقه نارا جي ڳوٺ علي محمد جي رهواسي نياز حسين ملاح طرفان درخواست داخل ڪرائي ويئي آهي ته تعلقه نارا جي ڳوٺ شبير شر جي رهواسي جوابدار غلام حسين، فضل محمد، اميد علي ۽ سحر عرف مارو شر سندس ڀاڻيجن مختيار احمد ۽ جنسار احمد کي ناحق باندي بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ تڳيل موهل جي رهواسڻ مسمات نصيبان زال غلام حسين موهل طرفان درخواست داخل ڪرائي ويئي آهي ته ڳوٺ تڳيل موهل جي رهواسي جوابدار فريد حسين ولد ذوالفقار موهل سندس جي 16 سالا نوجوان ڌيءَ شاهدان کي ناحق باندي بڻائي ڇڏيو آهي جن کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي. عدالت ڳوٺاڻن طرفان داخل ڪرايل درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏيندي پوليس کي سرچ وارنٽ جاري ڪري ناحق باندي بڻائلن کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو