نارا ڪينال ۾ پاڻي اوور ٽاپ ڪرڻ لڳو، ڳوٺن کي خطرو، آبپاشي عملو غائب

نارو(ن س) چونڊڪو ڀرسان کينهواري واري علائقي ۾ نارا ڪئنال جي پاڻي جي وهڪرن ۾ رڪارڊ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ بچاء بندن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي ناراڪئنال جا ڪپر ڪمزور هجڻ سبب پاڻي هنڌا هنڌان اٿلي رهيو آهي جڏهن ته نارا ڪئنال جي  کاٻي پاسي آرڊي 285 کان 450 تائين ناراڪئنال جو  پاڻي مختلف هنڌن تان بچاء بند کي اوور ٽاپ ڪري چڪو آهي. پاڻي جي تيز وهڪرن اوور ٽاپ ٿيڻ  سبب بچاء بند جي ناقص پٿرن سان ٺهيل پچنگ به لڙهي وئي آهي جڏهن ته پاڻي سوين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻ، گوار، جوئر ۽ ٻين فصلن کي ٻوڙي آبادي طرف وڌي رهيو آهي جنهن سبب ڳوٺ طاهر آرادين ،ڪريمدادڀٽي، رمضان آرادين، اقبال آرادين ۽ علي شير ڀٽي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي ٻڏڻ جو انديشو وڌي ويو آهي ناراڪئنال ۾ پاڻي جي چاڙھ ۽ پاڻي جي تيز وهڪرن ايريگيشن عملي جي ڪرپشن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته هڪ سال اڳ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان بچاء بند کي  پٿرن سان پچنگ ڪرائي وئي هئي  ۽ نارا ڪئنال جي ڪپرن جو ڪم صرف ڪاغذي ڪاروائين تائين نظر اچي ٿو جڏهن ته ناراڪئنال ۾ پاڻي چاڙھ ۽ بچاء بند لڙهي وڃڻ سبب علائقي واسين جو ساه مٺ ۾ اچي ويو آهي ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا جاڳي راتيون گذاري رهيا آهن. جڏهن ته ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن جي بار بار اطلاع باوجود ايريگيشن عملدارن ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي جڏهن  ته  ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن بچاء بند تي پهچي پنهنجي مدد پاڻ ڪوڏارين سان بچاء بند تي مٽي وجهي رهيا آهن ايريگيشن عملدارن جي لاپرواهي سبب ڳوٺاڻن واقعي واري هنڌ بچاء بند تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان سلسلي ۾ مظاهرين صادق ڀٽي.امين آرادين.مجيد آرادين. ممتاز آرادين ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نارا ڪئنال جي بندن جي پچنگ ناقص هجڻ ڪري گهارن جو خطرو وڌي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ڊي او ايريگيشن نارا سيد زمان شاه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پچنگ اڳوڻي ايس ڊي او امداد علي ڦلپوٽو جي دور ۾ ٿي هئي نيب جي ڪاروائين جي خوف سبب هن طبيعت خراب هجڻ جو جواز ڄاڻا ئي موڪل ڪري ڇڏي آهي اسان پاڻي گهٽ ڪرائي پچنگ ڪرائينداسين اسان پنهنجي مشينري ۽ عملي کي بچاء بندن تي موڪلي ڇڏيو آهي  ٻئي طرف اڳوڻي ايس ڊي او امداد حسين ڦلپوٽو فون ڪري ٻڌايو ته آءُ ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ زيرعلاج آهيان مون پنهنجي مقرري دوران ناراڪئنال جي ڪپرن سان کاڌ وارن هنڌن تي پٿرن جي بهترين پچنگ ڪرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو