ڪپڙا ڌوئندڙ ڇوڪري واڳون ڳهي ويو، لاش نه لڌو

روھڙي (رپورٽ امان ﷲ سومرو)صالح پٽ جي ڳوٺ تاج فارم جي ويجهو نارا ڪينال جي ڪناري آباد گل بھار خاصخيلي جي معصوم 8 سالن جي ڌيءَ زاھدا گھر ويجهو گذرندڙ نارا ڪينال جي ڪناري تي ٿانو ڌوئي رھي ھئي ته نارا ڪئنال مان مگرمڇ نڪري ٻارڙي تي حملو ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي معصوم ٻارڙي کي اڳري ويو واپس ڪئنال ڀڃي ويو ھوڏانھن واقعي واري ھنڌ موجود ماڻهن جو چوڻ آهي ته حملي دوران ٻارڙي پاران پاڻ بچائڻ لاءِ چيخون ڪيون پر تنهن باوجود ٻارڙي کي مگرمڇ کان بچائڻ لاء ايندڙ ڪنهن مدد کان پھريان مگرمڇ ڪئنال ھليو ويو.

Photo Sindhyr

ڇوڪري جي وارثن ۽ علائقي واسين پاران ڪئنال جي ٻنهي پاسن کي تلاش جاري آهي جڏهن ته وارثن پاران وائلڊ لائف جي انتظاميا کي اطلاع پڻ ڏنو ويو آهي پر آخري اطلاعن تائين وائلڊ لائف جو عملي واقعي واري هنڌ پهچي نه سگهيو ھوڏانھن اھڙي قسم جي واقعي کانپوءِ نارا ڪئنال جي ڪنارن تي موجود رھائش پذير ماڻهن ۾ خوف ۽ ھراس ڦھلجي ويو آهي. ****صالح پٽ مان نياز مهر موجب تاج فارم ڀرسان نارا ڪينال ۾ واڳون واتان ڳڙڪايل نينگري جي وارثن وٽ آپياشي عملدار ايس ڊي او محمد اسحاق مهيسر، سرويرشاهد مهر، سيد احسان علي شاه، ملڪ شفيق احمد پهچي وڏيون لائٽيون هڻايون ۽ لاش ڳولهڻ لاءِ ٽوٻا به گهرايا ۽ نيوي جي ٽيم به پهچي ٻيڙين ذريعي ڳولها شروع ڪئي پر آخري اطلاعن تائين لاش نه لڌو.

پهنجو تبصرو موڪليو