نئين گاج ڊيم تي سنڌ ۽ وفاق ۾ اختلاف برقرار، لاڳت ٽيڻ تي وڌي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي منصوبه بندي بابت قائمه ڪميٽي نئين گاج ڊيم جي ڪم ۾ دير سبب لاڳت ٽيڻ تي وڌي وڃڻ بابت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. نئين گاج ڊيم جي لاڳت 2009 جي پي سي ون موجب 16.7 ارب هئي جيڪا 20018 ۾ 46.7 ارب ٿي وئي آهي. ڪميٽي اجلاس ۾ منصوبه بندي، ترقيات 7 اصلاحات جي سيڪريٽري ظفر حسين ٻڌايو ته وفاق ۽ سنڌ ۾ واڌو رقم بابت اختلاف آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت چوي ٿي ته واڌو رقم اڌو اڌ ڪئي وڃي پر سنڌ چوي ٿي ته سڀ رقم وفاق ڀري. اجلاس ۾ موجود سنڌ جي آبپاشي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري اسلم انصاري چيو ته ڊيم جي ڊيزائن ۾ ردو بدل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اپل ويز، پاور هائوس، روڊز ۽ ملازمن جي ڪالوني جي تعمير جو اضافو ٿيو آهي ۽ سنڌ کان پڇو به نه ويوته سنڌ چو اضافي رقم ڀري. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت زمين جي حاصلات لاءِ اھ ۾ ئي 1.8 ارب روپيا اڪيلي سر ڀريا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي ۽ فيصلي بعد پيش رفت ٿيندي. ڪميٽي جي چيئرمين آغا شاهزيب دراني جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندي چيو ته منصوبي م غير ضروري دير بابت ٿيل انڪوائري رپورٽ جي ڪاپي نٿا ڏين. جنهن تي هن چيو ته هڪ هفتي اندر ڪاپي سنڌ کي ڏيو. ياد رهي ته مون سون جي 4 مهينن دوران بلوچستان جي خضدار جي پهاڙن تان تمام گهڻو پاڻي ايندو آهي جنهن جي ذخيري لاءِ نئين گاج ڊيم ٺاهيو پيو وڃي. هن وقت دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ سال مان 8 مهينا پاڻي نه هجن سبب فصل نه ٿيندا آهن، ماڻهو ۽ مال به پريشان هوندو آهي پر هن ڊيم ٺهڻ بعد علائقي واسين کي سڄو سال پاڻي ملي سگهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو