نئين بوئنگ هوائي جهاز جي آزمائشي اڏام مڪمل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي مسافر جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني بوئنگ پاران تيار ڪيل نئين هوائي جهاز 737 ميڪس 10 آزمائشي اڏام، ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي. جمعي تي 10 وڄي 7 منٽن تي هي جهاز اڏاميو ۽ اڍائي ڪلاڪن جي اڏام بعد منزل تي پهتو. 25 هزار فٽ جي بلندي تي 630 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتاري سان هي جهاز اڏاميو. رينٽن ميونسپل ايئرپورٽ کان سِيٽل ايئرپورٽ تائين جو مفاصلو ته اڌ ڪلاڪ ۾ طئي ٿي سگهي تو پر هي جهاز آزمائشي اڏام سبب اڍائي ڪلاڪ فضا ۾ رهيو. جهاز ۾ 230 مسافر سوار ٿي سگهن ٿا. هن وقت دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ 853مسافر کڻي وڃڻ وارو جهاز ايئر بس فرانس جو ٺاهيل آهي. ياد رهي ته دنيا ۾ مسافر بردار جهاز ٺاهڻ وارن ملڪن ۾ چين به شامل ٿي ويو آهي. اڳ ۾ صرف آمريڪا بوئنگ ۽ فرانس ايئر بس ٺاهيندا هئا. چين جي جهازن کي آمريڪا ۽ يورپ غير محفوظ قرار ڏين ٿا جڏهن ته چين جو چوڻ آهي ته سندن ٺاهيل جهاز عالمي معيار جا آهن جيڪي ڪاميابي سان اڏامي رهيا آهن. ياد رهي ته آمريڪا ۽ يورپ هر ميدان ۾ چين کي پنهنجو دشمن قرار ڏين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو