نئون ديروهائوس جو خرچ هلائيندڙ به پلي بارگين ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ هڪ ٻئي جوابدار به پلي بارگين ڪندي 2 ڪروڙ روپيا قومي خزاني م جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نيب جي چيرمين پاران سندس درخواست منظور ڪرڻ بعد احتساب عدالت به سندس نالو جوابدارن جي لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو. هريش اينڊ ڪمپني کي سنڌ ۾ خصوصي اپائن واري کاتي م پاڻي جي فراهمي جو ٺيڪو مليو پر هن سرڪاري اداري بدران نئون ديرو هائوس جو خرچ ڀريندو رهيو. هن ڏوهه قبوليندي پئسا واپس ڪرڻ جي حامي ڀري.

جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ 2 ارب روپيا واپس ڪرڻ بابت پلي بارگين

جمع تي عدالت کائنس پچيو ته ڇا هو رِضا خوشي سان پلي بارگين پيو ڪري هن هاڪار ڪئي. عدالت چيس ته 10 سال چونڊ نه وڙهي سگهندي، هريش چيو ته مان ڪڏهن به چونڊ نه وڙهندس. ياد رهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ نوري آباد پاور ڪمپني واري ٺيڪي ۾ 2 ملزم اڳ ۾ ئي 2 ارب روپيا واپس ڪرڻ بابت پلي بارگين ڪري چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو