نئون ديرو، ڌاڙيلن جي ڀتي لاءِ چٺي، سکر پوليس جو ڇاپو

نئون ديرو(شاد محمود ڀٽو) شهيدن جو شهر هڪ ڀيرو ٻيهر ڀتي خوري ۽ منٿليءَ لاءِ ڌاڙيلن جي نشاني تي اچي ويو. ڀتي خورن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي باغ ۾ پلال کي باهه ڏيڻ واري واقعي کانپوءِ شهر جي شگر مل باءِ پاس روڊ سان غريب آباد پاڙي جي رهواسي عبدالقدير ڀٽو جي زيتونن جي باغ جا 4 وڻ ڪپي ڇڏيا جڏهن ته ان کان اڳ ساڳئي زميندار جي رتوديرو روڊ سان دڙو الاهي بخش وٽ ڪڻڪ ۽ چڻن جي فصلن جي ڀيل پڻ ڪئي وئي هئي جنهن بعد زميندار عبدالقدير ڀٽو کي 10 لک ڀتو، 10 وڳا ۽ 5 موبائل ٽچ فون پهچائڻ لاءِ چيو ويو هو. متاثر زميندار ٻڌايو ته سعيد ناريجو جي نالي سان ڌاڙيل موبائل نمبر 03071204831 تان فون ڪري ڌمڪيون ڏيندي 10ڀتو گهريو هو. مون نئون ديرو ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي هئي پر پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري ڀتي خورن کان بچايو وڃي ۽ ڀتي خوريءَ توڙي منٿليءَ لاءِ ڪاروايون ڪندڙ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي. ***ٻئي پاسي ڳوٺ وڏا موهل ۾ سکر جي آباد ٿاڻي جي پوليس موهل برادريءَ جي گهرن تي چڙهائي ڪري گهر ۾ عورتن، ٻارڙن ۽ مردن مٿان تشدد ڪري گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد قيمتي سامان، گهوٽ کي پيل نوٽن وارا هار، سونا زيور، ڪپڙا ۽ ٻئي سامان جي ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ گهر مان هڪ گهوٽ سميت 3 نوجوانن کي تشدد جو نشانو بڻائي بيگناهه گرفتار ڪري پوليس موبائلن ۾ وجهي کنڀي کڻي ويا. سکر پوليس جي بلاجواز گهرن تي چڙهائي خلاف ڳوٺ وڏا موهل جي متاثر ڳوٺاڻن آصف علي موهل، اياز علي، ساجد موهل، راشد علي ۽ ٻين ٻارڙن سان گڏجي پوليس جي ڏاڍ ۽ پوليس گرديءَ خلاف دانهون ڪندي چيو ته سکر جي آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او ياسر حسين کوسو پنهنجي پٽي ڀائي غلام مرتضيٰ موهل جي چرچ تي ڪاروائي ڪئي آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن پوليس انصاف نه ڪيو ته اسان پوليس جي اهڙي ڏاڍ ۽ پوليس گرديءَ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ وينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو