مڪلي مان اغوا ٿيل هندو ناري جي بازيابي لاءِ ڇاپو ناڪام

دڙو (امداد ميمڻ) مڪلي جي پرائيويٽ نيويگيٽر اسڪول ۾ پڙھندڙ 17 سالن جي ھندو شاگردياڻي پائل ديوي ڌي منگھومل جي سندس اسڪول جي ماستر ڪامران سومرو طرفان اغوا ڪرڻ واري واقعي کانپوء سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي پوليس حرڪت ۾ اچي ويئي آھي. سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي دڙو, ٻنون, مڪلي, ميرپوربٺورو, سجاول ۽ مختلف ٻين ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ اوز جي اڳواڻي ۾ اغوا ٿيل ھندو نياڻي پائل ديوي ۽ جوابدار استاد ڪامران سومرو جي اصل ڳوٺ ٻنون لڳ ڳوٺ صديق سومرو تي چڙھائي ڪئي ويئي. پوليس طرفان ھڪ ڪلاڪ تائين ڳوٺ جو گھيراء ڪري سرچ آپريشن ڪيو ويو. پر ھندو نياڻي ۽ استاد ھٿ اچي نه سگھيا. جنھن کانپوء پوليس مايوس ۽ ناڪام ٿي واپس موٽي آئي. ان ڏس ۾ ڪيس جي جانچ ڪندڙ ايس ايڇ او مڪلي سان رابطو ڪيو ويو پر ھن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن حد جي چونڊيل پ پ ايم اين اي سيد اياز شاھ شيرازي مڪلي ٺٽو مان ھندو نياڻي پائل ديوي جي اسڪول مان سندس استاد ھٿان اغوا واقعي کي انتھائي شرمناڪ عمل قرار ڏيندي چيو ته بگھڙ جي روپ ۾ ويٺل اسڪول جي استاد ھٿان پنھنجي اسڪول جي شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ وارو واقعو غير معمولي واقعو آھي. شريف قسم جا مائيٽ پنھنجي نياڻين کي اسڪول انتظاميا جي ڀروسي ۽ اعتماد تي پڙھائي لاء اسڪول ڇڏين ٿا. ھن ٺٽي ضلعي جي پوليس انتظاميا کان گھر ڪئي ته جلد کان جلد ھندو نياڻي پائل ديوي کي بازياب ڪرائي ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو