مڪليءَ جي ماٺ، ماضي ۽ حال! سحرش اظھر ميمڻ

سنڌ دنيا جي اها خوبصورت ڌرتي آهي جنهن ۾ ڪيترائى تاريخي شھر ۽ قديم آثار موجود آھن۔ جنھن ۾ موئن جو دڙو، ڪراچيءَ جا سوين تاريخي مقام، ملير، ٿر جو ريگستان، گورڪ هل اسٽيشن، ڪلانڪوٽ،  ڪارونجھر ۽ ڪاروجبل سان گڏ مڪليءَ جي ٽڪري پڻ موجود آھي جتي مختلف بادشاھن، شاعرن، اديبن توڙي نيڪ اوليائن جون درگاهون بہ موجود آھن تہ گڏوگڏ مذھبي رواداري جي امين سنڌ جي قديم رھاڪو ھندو ڀائرن جا قديم مندر وغيرہ بہ ڏسڻ وٽان آهن. سنڌ جي شهرت جو ھڪ سبب دنيا ۾ اللہ لوڪ، درويش صوفي ۽ پهتل اوليائن ۽ بزرگن جي آرامگاهون بہ آھن. جيئن قلندر شھباز، شاه عبدالطيف ڀٽائي، شاه ڪريم بلڙي وارو، صوفي شاه عنايت جهوڪ وارو ۽ ٻيا به ڪيترائي اوليا هن سنڌ ڌرتيء جا امر ڪردار آھن. بھرحال منهنجو عنوان “مڪلي” ٽڪري آھي.  جنهن ۾ آئون پنهنجي لفظن جي ڀيٽا سان ٽڪري تي موجود مقبرن جي اڏاوٽ ۽ تاريخي پسمنظر تي روشني وجهڻ چاهيندس. 

مڪلي جو نالو:  مڪلي ٽڪري جي نالي بابت مختلف ٽي الڳ روايتون ملن ٿيون جن ۾ مڪلي جي نالي جي پيشنگوئي ٿئي ٿي. ڪنهن وقت ۾ يعني آڳاٽي زماني ۾ هڪ بزرگ هن ٽڪري تي آيل هو ته ڪنهن مجبوري سبب رات هن ٽڪري تي گذاريائين۔ خواب ۾ هن ٽڪري جي باري ۾ ڏٺائين۔ اهو ڇا ڏٺائين ان جو ذڪر ڪنهن به تاريخي لکڻي م موجود ناهي۔ تنهن هوندي هن بزرگ پنهنجي ملازم کي چيو ته هي ٽڪري منهنجي لا۽ “مڪو” آهي. جيڪو مڪو مان ڦري وري مڪلي ٿي ويو تڏهن کان هن ٽڪري تي مڪلي جي نالي سان سڏيو ويو. جڏھن ته ٻي روايت جو پسمنظر ائين آهي ته ڪا مسلمان عورت هن ٽڪري تي آئي هئي ۽ ڪنهن سبب ڪري وفات ڪري وئي.  سندس نالو “مڪلي” هو. سو هن ٽڪري کي به مڪلي سڏيو ويو. واضح رھي ته اھڙي ھڪ قبر به مڪلي ۾ ڄام نظام دين جي پاڙي ۾ موجود آھي. ٽئين روايت آھي ته هندو ڌرم جا ماڻهو مڪلي ٽڪري کي ”ڪالي ديوي“ جي نالي سان منصوب ڪن ٿا، جنهن جو وڏو مندر ”تيرٿ آستان“ مين روڊ واري وڪڙ ۾ ڏکڻ طرف اڄ به موجود آھي. هن کان پو۽ مڪلي جو نالو مشهور ۽ معروف سمن آباد جي حڪومت ۾ به ملي ٿو.

تاريخ جو پسمنظر: مڪلي جي نالي جي ڄاڻ کان پو۽ هن ٽڪري جي تاريخ تي روشني وجهون۔ سنڌ جي قديم شھر ٺٽي ۾ دنيا جو سب کان وڏو قبرستان ”مڪلي“ آهي۔جنهن کي يونيسڪو پاران ١٩٨٠ جي ڏهاڪي م عالمي ورثو قرار ڏنو ويو۔ مڪلي جي ٽڪري اصل ۾ پٻَ ۽ مارهيء جبل جي شاخ آهي۔ ڪنهن حد تائين مڪلي کي جابلو علائقو پڻ چئجي ٿو ڇو ته اها ٽڪري جبلن جي قطارن مان پڻ ونڊجي ٿي۔ ان ٽڪري جا ڪجھ ھيٺانھان سلسلا مشھور ڪارو جبل ڪوھستان سان به ملن ٿا. پير پٺي کان  ٽڪري اتر ڏي برابر پنج ڪوه وڃي ٺٽي کي ويجهو الهندي تي بيهي ٿي۔ مڪلي ٺٽي کان 3 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي۔ مڪلي جيڪا سنڌ جي زنده جاويد تاريخ جو اٽوٽ حصو آهي جنهن ۾ بظاهر ته خاموش قبرن ۽ مقبرن جون قطارون آهن پر ان ۾ سنڌ جي جيئري جاڳندي تاريخ بيٺي آهي۔جيڪڏهن ڪو تاريخدان هن ٽڪري جي بابت لکڻ چاهي ته سندس سموري ڄمار گذري ويندي پر مڪلي سرزمين جي تاريخ مڪمل نه ٿيندي۔ مڪلي جي ڪُک ۾ جتي سنڌ جا رکوالا، جن سنڌ جي مٽي کي سون بنايو آهي به ستل آهن ته ڪنهن سنڌ جي سرزمين کي ميرو ڪيو يعني جنهن سنڌ سان غداري ڪئي اهي به دفن ٿيل آهن۔ مڪلي انهن داغدار قبرن کي به جڳهه ڏني جنهن سنڌ سان غداري ڪئي۔ ان جي وجه اها آهي ته ايندڙ نسل ان اڻ ڳڻين قبرن کي ڏسي عبرت حاصل ڪن۔ سنڌ جي اٽڪل ٦٠٠ ورهين جي تاريخ هن ٽڪري تي موجود آهي. ڪراچي کان اوڀر طرف ٨٠ ميلن جي پنڌ تي ”کير ٿر“ جبل جي ٽڪريء جو هي ٽڪرو نيشنل هاء وي تي، ٺٽي کان ٢ڪلوميٽر الهندي، ڏکڻ کان پير پٺي جي مزار کان وٺي، اتر کان ساموئي تائين ٢٥ ڪلوميٽرن جي ڊيگھ تائين هن قبرستان م مقبرن جو ، مزارن ۽ قبرن جو تعداد ڪل ١٠ لک کن ٻڌايو ويو آهي۔ هن ٽڪري تي پهرين قبر ”شيخ حماد جمالي“ جي هئي۔ اهو ڪنهن وقت ۾ وڏو بزرگ ٿي گذريو۔ ان کانپو۽ ڪيترن ئي قبيلن جي انسانن جون قبرون اڏيل آهن۔ ڪراچي ڏانھن ويندڙ قومي شاهراھ مڪلي ٽڪري کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي۔ ڏکڻ واري اڌ ۾ عيد گاھ، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، مخدوم ابوالقاسم نقشبندي، امام پير عالي، سيد محمد يوسف بکري ۽ ڇيڙي تي ڪلانڪوٽ جو ڊٺل قلعو ۽ اھڙا ٻيا عجائبات به موجود آهن۔ هاڻ اچون ٿا اتر واري حصي۾ جنهن ۾ شيخ حماد جمالي، عيسا لنگوٽي، ملان عبدالرحمان عباسي (ملان لوٽر)، جامع مسجد، سيد علي شاھ شيرازي، شاه مراد، سمن سلطانن جا مقبرا، ترخانن جا مقبرا، مغلن جون رانڪون ۽ ٻيون تاريخي جڳهون موجود آهن۔ اڃا به وڌيڪ سهولت لا۽ قبرستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو۔ هڪ پاسي سمن سلطانن جون قبرون ۽ ٻي پاسي ارغونن جون قبرون ۽ مقبرا آهن۔ مڪلي قبرستان ۾ داخل ٿيڻ لا۽ سڀ کان پهرين کاٻي پاسي هڪ چور کوھ آهي۔ ڪنهن وقت ۾ اتي جي مقامي ماڻهن لا۽ وڏو چشمو هو۔ مگر اڄ ھي کوھ فقط هڪ ويران کوھ آهي۔ جنهن جي چؤطرف ورانڊو آهي۔ فقيري طبعيت وارن ماڻهن لا۽ حضرت عبدالله شاھ اصحابي جو مقبرو وڏي اهميت رکي ٿو. اهو مقبرو کوھ جي ڀر ۾ آهي. ٺٽي جي رهواسين لا۽ اها ٽڪري نه فقط دفن گاھ آهي پرسندن سير ۽ تفريح جو وڏو مرڪز به آهي۔ مزارن تي ميلن جون رونقون ڇائنجي وينديون آهن، جنهن ۾ ھر قوم جا ماڻھو لطف اندوز ٿيڻ ايندا آهن۔ مختلف ڪرتب ڏيکاري وڏن توڙي ننڍن ٻارن جون دليون خوش ڪيون وينديون آهن۔ مختلف نمائشي منظر ۽ ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويندا آهن۔ ڏکڻ اولھه طرف عيدگاھ آهي جيڪا مڪلي جي ٽڪرين سان وڃي ملي ٿي، جتي نه صرف ٺٽي ۽ مڪلي جا مقامي ماڻھو عيد نماز ادا ڪن ٿا پر سمنڊ کان ڪوھستان تائين. پري پري کان ماڻھو ڪھي ايندا آھن. اڄ جي مڪليءَ کي ڏسجي ته اڄوڪي مڪلي پنھنجي ماضيءَ کان مڪمل مختلف پئي ڏسجي. مڪلي ۾ ھن وقت ضلعي ٺٽي جي ھيڊڪوارٽر ھجڻ ڪري ضلعي آفيسون توڙي واپاري مرڪز قائم آهن جيڪا روزمرہ جي دفتري ۽ ڪاروباري ڏي وٺ جا ذريعا آهن۔ ڊي. سي ٺٽو جي آفيس ھتي سڀ کان اڳ جي آھي جڏھن ته ضلعي جي وڏي ۾ وڏي اسپتال پڻ ھتي موجود آھي. ان کان علاوہ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٺٽو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ٺٽو ڪئمپس پڻ مڪلي تي آھي. گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشين فاروومئن اينڊ مين پڻ جنگشاھي روڊ تي ڀرپور طريقي ھلن پيا. انھن ڀرسان ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر جي آفيس بہ آھي. جڏھن ته ڪچي آبادي سان گڏ مڪلي جي واحد ڪوآپريٽو سوسائٽي به موجود آهي، جنهن ۾ غريب طبقي کان وٺي وچين طبقي جا ماڻهو رهائش پذير آهن. مڪلي قبرستان هن وقت تمام گهڻو خطري ۾ آهي۔ مرمت نه هئڻ ڪري ڪيتريون ئي قبرون ۽ مقبرا ڍهي ويا آهن۔ هر سال مينهن جي ڪري قلعن جون ديوارون به ڪمزور ٿي ويون آهن، جيڪو مڪلي جي مقامي ماڻهن لا۽ وڏو خطرو آهي. جڏھن ته ساڳي ماٺ واري مڪلي ۾ اڄڪلھ غنڊاگردي، ڦرلٽ ۽ وڏيرن جي قبضاگيري پر سڪون ماحول ۾ افراتفري جو منظر پيدا ڪري ڇڏيو آهي۔حڪومت کي عرض آھي ته ٺثي ضلعي جي بجيٽ مان هر سال قبرستان جي مرمت ڪئي وڃي ته جيئن نه صرف سنڌ جي تاريخ ۾ هن ٽڪري کي ايندر دور ۾ ياد رکيو وڃي پر اسان پنھنجي ايندڙ نسلن لاءِ به انھن امر تاريخي آثارن کي جياري رکون.

پهنجو تبصرو موڪليو