مڪاني چونڊن ذريعي ڇا سماج ۾ تبديلي ايندي؟

ليکڪ سيد زوار حسين شاهه

پاڪستان ۾ قانوني آئيني لحاظ سان ڪافي ڏکيائون ڏسي رهيو آهيان ، هر هڪ پنهنجي ڪوشس آهر ڪم پيو ڪري ، عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاء وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي پر تعجب جي ڳالهه اها به آهي ته اهي به نه ٿا ٿين پوء  مجبورن عوام گهر ڇڏي روڊن پريس ڪلبن بازارن ڏانهن رخ ڪري ٿو احتجاج مظاهرن سان گڏ ڌرڻا به هڻي ٿو پر پوء به ڪي ٿين ٿا ڪي نه ٿا ٿين اهو قانوني آئيني وڏو مونجهارو پڻ آهي برحال  وڏو ڏک ٿو ٿئي جڏهن ڪنهن سان ڪو مسئلو درپيش هجي ۽ رياست پاڪستان ان جي ڪا به مدد نه ڪري سگهي، ان کان پوء عام ماڻهون به دل برداشته ٿئي ٿو جنهن کان پوء اڪثر ماڻهن جي ته هو جڏهن به اليڪشن پوء عام هجي يا بلدياتي هجي هو ووٽ ڏيڻ کان به پاسو ڪري ٿو جڏهن ته انساني حقن جي تنظمين  عوام جي حقن لاء جاکوڙيندڙ پن مايوس ٿين ٿا  سوال اهو پيدا ٿي رهيو آهي ته پوء اهو عام ماڻهون ڇا ڪري  ، اهو سوال آهي جنهن جو جواب گهرجي ، جڏهن ته بار بار  سنڌ اندر بلدياتي اليڪشن لاء اليڪشن ڪميشن به چوندي رهي آهي ته ڪوڙت سڳورين جا قابل احترام جج صاحابن به چوندا رهيا آهن پر اسان قانون آئين تي عمل نه ڪندڙ ان  اعلان حڪم نامي ي به رد ڪيون ٿا جيڪو به هڪ وڏو جرم آهي پر سوال اهو ئي پيدا ٿئي ٿو ته پوء  ايڪشن ڪير کڻي ، جڏهن ته هڪ مرتبه ٻيهر سنڌ اندر بلدياتي اليڪشن ۾ دير ڪرائڻ لاء  حڪم نامج جاري ٿي رهيا آهن ، ٻئي طرف  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اِي سي پي) سنڌ ۾ مڪاني  چونڊن ۾ دير بابت ڪيس کي باقاعده ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ کان پوءِ چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين کي نوٽيس  جاري ڪري ڇڏيا جيڪي ايندڙ هفتي ڪميشن آڏو پيش ٿيندا. اي سي پي جي 3 رڪني بئنچ اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ معاملي جي ٻڌڻي ڪندي، بئنچ ۾ اليڪشن ڪميشن جي بلوچستان مان ميمبر نثار احمد دراني ۽ سنڌ جو ميمبر شاهه محمد جتوئي شامل هوندا. ان معاملي کي باقاعده ٻڌڻي لاءِ اٿارڻ جو فيصلو ڪميشن جي 25 آگسٽ واري اجلاس ۾ ڪيو ويو هو جنهن  ۾ چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪرڻ کان سواءِ اثارني جنرل آف پاڪستان جي مدد طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن زور ڏنو ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ ڪميشن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي ۽ وفاق ۽ صوبن ۾ جا سڀ ايگزيڪٽو اٿارٽي آئين جي آرٽيڪل 220 تحت پنهنجي ڪمن کي انجام ڏيڻ ۾ ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا پابند آهن. ان ڏس ۾ 23 آگسٽ تي ٿيل هڪ فالو اپ ميٽنگ ۾ سنڌ حڪومت جي نمائيندن مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذوري ظاهر ڪئي هئي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪيو هو ته صوبائي حڪومت، مڪاني چونڊون نٿي ڪرائي سگھي ڇو ته 2017ع جي آدمشماري جي نتيجن تي خدشا آهن ۽ هو سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ تبديليون آڻڻ چاهين ٿا جنهن ۾ 6 مهينا لڳي سگھن ٿا. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد خان چيو ته سنڌ ۾ مقامي حڪومت جو مدو گذريل سان 30 آگسٽ تي ختم چڪو آهي ۽ آئين موجب ڪميشن کي مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ 120 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون پونديون آهن ، مان عرض ڪيان ته جيڪڏهن هاڻ به ڪنهن به نوٽيس نه ورتو ته پوء وري ڪا ٻي قانوني آئيني مونجهاري ۾ ڦاسي سگهون ٿا ان ڪري سنڌ حڪومت کي خاص وڏي وزير سيد مراد علي شاه کي جلد اهم ميٽنگ ڪوٺائي تمام اليڪشن سان جيڪي ادارهه وابسطه آهن  انهن کي اعتاد ۾ وٺي اليڪشن ڪرائڻ جي يقين دهاڻي ڪرائڻي پوندي ، ان ڪري هن مسئلي جو فوري حل ٿيڻ گهرجي ، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ٻه سنڌ حڪومت جي اهري روئي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي وري ڪو بيو مونجهارو پيدا ٿي سگهي ٿو ان ڪري بهتر اهو آهي  اسان کي ان مسئلي جو به حل ڪڍڻ گهرجي ، جيڪڏهن سنڌ حڪومت  هاڻ به بلدياتي اليڪشن نه ڪرائي يا اليڪشن ڪميشن کي اعتماد ۾ نه ورتو ته قانوني آئيني مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو ان ڪري اسان توهان کي سوڇڻو پوندو ،  هن سڄي ڪم م اليڪن ڪميشن جو اهم ڪرادر هوندو قانوني آئيني هن اداري کي تمام وڏا اختيارات پڻ حاصل آهن جيڪڏهن هو استعمال ڪندو ته ڪيترائي ڇونڊيل نمائينده گهر ڀيرو به ٿي سگهن ٿا هي قانوني مسئلو آهي ج0ڏهن ته سڄي سنڌ اندر هن وقت جهڙي ريت عوام يج حقن سان سياستدان ڪاموره راند کيڏين پيا نتيجو انتهائي برو خراب به نڪري سگهي ٿو ان ڪري   سنڌ حڪومت کي به بلدياتي اليڪشن جي مسئلي تي  سوچي سمجهي قدم کڻڻو پوندو جييئن ڪو مونجهارو پيدا نه ٿئي مان عرض ڪيان ته بلدياتي اليڪشن جو مقصد اهو آهي ته هر هڪ شهري خواه هو ڳوٺاڻو هجي يا شهري هجي پنهنجي مرضي سان ڪائونسلر چونڊي  يا چيئرمين چونڊي جيئن هو پنهنجا بنيادي مسئلا حل ڪري سگهن جڏهن ته هن وقت به جيڪڏهن مان اها ڳالهه ڪيان ته غلط نه هوندو ته سنڌ ۾ جهڙي ريت بلدياتي نطا۾  چونڊيل ڪائونسلرن  چيئرمينن ان جي مڪمل ٽيم عوام يج ابتي کل لاٿي اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي  مان ضلعي خيرپور جو مثال ڏيندس ته جيڪڏهن ضلعي خيرپور جي اٺن ئي تعلقن اندر ٿيل ڪرپشن جي ڳالهه ڪيان ته اها بها ربين رويپا هوندي ، جيڪڏهن يونين ڪائونسلز ، ٽائون ڪاميٽيز جي ڳالهه ڪيان ته اسان وٽ  سوڀوديرو ، سمي  ، سڳيون ، هنگورجه ، راڻيپور گڏيجي ۾ ئي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي جنهن جا ثبوت سوشل يمڊيا تي پيا آهن ملازمن جا احتجاج شهرين سماجي تنظمين جا احتجاج ڌرڻا به اسن يج اڳيان آهن  جڏهن ته نيب چيئرمين جنهن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري اهي پر ننڊن شهرن جتي به هن وقت تائين اربين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي  ان خلاف ڪا به قانوني ڪاروائي ناهي ٿي سگهي ، ان لاء عوام پڻ سوال ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن عام ماڻهون بلدياتي نظام دوران ٿيل ڪرپشن بابت ادارن ڏانهن درخواستون پڻ موڪليون آهن انهن جو نوٽيس ٿيو آهي يا نه ، ان جو جواب گهرجي جڏهن ته سنڌ حڪومت  کان بلدياتي اليڪشن بابت پڇا ڳڇا پڻ ٿي رهي آهي اهڙي طرح اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي چيف سيڪريٽري ۽ بين کان اليڪشن نه ڪرائڻ بابت انهن کي طلب ڪري باقائدگي سان ٻڌني جو اعلان ڪيو آهي ،  مان عرض ڪيان ته هن وقت حالات به سنگين ان ڪري نظر اچي رهيا آهن جو عوام کان ووٽ وٺندڙ بلدياتي  ڪائونسلر هجي يا چونڊيل نمائينده انهن مٿان اهو فرض آهي ته بنا ڪنهن لالچ جي عوام جي خدمت ڪري انهن جا بنيادي مسئلا به حل ڪن هن وقت  سنڌ جو عوام  اليڪشن ڪميشن ڏانهن ڏسي رهيو آهي ته ڇا سنڌ حڪومت کي بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ لاء مائل ڪري سگهندي يا نه.zawarshah110@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو