مڙس تشدد ٿو ڪري، عدالت ريکا کي دارالامان موڪلي ڇڏيو

پنوعاقل(رپورٽ: سنتوش ڪمار) پنوعاقل جي مندر گلي پاڙي مان 6 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل پرڻيل ناري ريکا کي پنوعاقل پوليس گهوٽڪي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس بازياب ڪرايل ناري کي سکر جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري ريکا بيان ڏيندي چيو ته مڙس تشدد ڪندو آهي، مونکي دارالامان موڪليو وڃي. ناري جي اهڙي بيان بعد عدالت کيس سکر جي دارالامان اماڻي ڇڏيو. ٻئي پاسي ناري جي ڀاءُ مڪيش موجب ريکا کي اسين پاڻ لاهور جي داتا درٻار مان وٺي آياسين جنهن بعد پنوعاقل سٽي ٿاڻي تي اطلاع ڪيو، ته پوليس عملدارن چيو ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪنداسين، جنھن بعد پوليس کيس سکر جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي هن دارالامان وڃڻ لاءِ بيان ڏنو. واضح رهي ته ريکا هفتو اڳ پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي، جنهن جي گمشدگي بابت سندس ڀاءُ مڪيش ڪمار سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو