مڙس بد پيشي کان انڪار تي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو آهي، مدد ڪريو

ڀرياسٽي(مجيد ڪيريو) مرادن جي رهواسي نوجوان ناري وانيا بي بي ڌي عبدالقيوم خان پريس ڪلب ڀرياسٽي پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي ۽ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجي شادي ڪجهه مهينا اڳ نواب شاه واسي نويد قريشي سان ٿي هئي، مڙس پهريان کان ئي شادي شده هو، جنهن جي مون کي ۽ منهنجي والدين کي خبر نه هئي. هن چيو ته منهنجي مڙس نويد قريشي مون کي هرروز بدپيشي تي مجبور ڪندو هو ۽ مان انڪار ڪيو ته مڙس سخت تشدد ڪري 3 ڏينهن تائين هڪ ڪمري ۾ بندي ڪري ڇڏيو. جتان مان وجهه وٺي نڪتس ۽ مان نواب شاهه ائير پورٽ ٿاڻي تي پهتس. هن چيو ته نويد قريشي ۽ ٻيا مون کي هاڻ ڪوڙن  ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا. هن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي شهيد بنظير آباد ، ايس ايس پي نوشهرو فيروز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته مون تي داخل ڪرايل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي منهنجي زندگي بچائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو