فرينڪفرٽ (م ڊ) هاڻي مکين ۽ مڇرن سبب پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته جرمني جي ٻن انجنيئرز مکين، مڇرن ۽ ٻين اڏامندڙ جيتن کي مارڻ لاءِ هڪ موثر مشين تيار ڪري ورتي آهي. هي مشين هلڪي ڦلڪي آهي ڪٿي به رکي سگهجي ٿي ۽ سفر ۾ ساڻ به کڻي سگهجي ٿي. مکين ۽ مڇرن کان ڇوٽڪاري لاءِ اسين جيڪي اسپري، لوشن ، جليبي يا ٽڪيون وغيرو استعمال ڪريون ٿا انهن ۾ ڪيميڪل هوندو آهي، جنهن ڪري بوءِ وغيره ڦهلجي ٿي ۽ ماحول به خراب ٿئي ٿو پر هي مشين بنا ڪيميڪل جي اهو ڪم ڪري ٿي. يو ايس بي پلگ ذريعي هلندڙ هي مشين هڪدم مکين، مڇرن ۽ اڏامندڙ جيتن کي پاڻ ڏانهن چقمق وانگر ڇڪي ماري ٿي ڇڏي. اڳ ۾ هن مشين جي قيمت 25 هزار کان مٿي هئي پر هاڻي 89 ڊالر ۾ ملي ٿي يعني تقريبا ساڍا ٻارنهن هزار روپيا. مائيڪرو سوفٽ جي باني بل گيٽس تازو لکيل هڪ بلاگ ۾ چيو هو ته دنيا ۾ ٿيل جنگين ۾ ۽ جانورن هٿان ايترا ماڻهون نه مئا آهن جيترا مڇرن سبب مليريا جي ڪري مئا آهن. دنيا ۾ يو وي (الٽرا وائلٽ) ٽيڪنالاجي تي هلندڙ هن جهڙيون مشينون 250 ڊالر ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن.
ججن جي خط جي معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان
مقامي ذخيرا گهٽ هجڻ ۽ خرچ وڌڻ سان گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿي پيو
ججن جا خط،وزيراعظم جي چيف جسٽس سان ملاقات
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري جي واڌ ٿيندي
اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن
پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار
حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: تارڙ
صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن: شورو
سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 90 پئسا ٿي ويو
راڻا ثنا خلاف ڪيس جي درخواست، ايس ايڇ او کي نوٽيس
آمريڪا ۽ ان جا حواري مضبوط روس کان ڊڄن ٿا: پوتن
وزيراعليٰ ڪيترن ئي زرعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪاڪول ۾ قومي رانديگرن جي ٽريننگ شروع
ماڻهن کي ثناءُ ۽ شعيب جي لاڳاپن جي خبر نه هئي
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28