نواب شاھ (ن سنڌيار) اڳوڻي ايم پي اي سردار مٺل خان ڏاھري جي پيٽرول پمپ ۽ ھوٽل تي مبينه قبضا مافيا ۽ ان جي ساٿاري پوليس جي ظلم ۽ ڏاڍائين خلاف دولتپور جون مختلف برادريون حمايت ۾ روڊن تي نڪري اچي سخت احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي مظاھرين علي رضا سولنگي ، حاجي ڪامل ڀٽو ، آصف ڏاھري ، اعجاز علي ،غلام محمد گائينچو ، ممتاز اوٺو ،محمد ڏاھري ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو تہ اسان جي علائقي جي معزز شخصيت ۽ اڳوڻي ايم پي اي سردار مٺل خان ڏاھري جي زمين جيڪا چاليھ سال پراڻي خريد ڪيل آھي ۽ زمين تي پيٽرول پمپ ۽ ھوٽل سان گڏ شوروم پڻ ٺھيل آھن ، جنھن تي دولتپور شھر جو ھڪ قبضا مافيا گروھ جو چڱو مڙس علي بخش ملاح ھاڻي پنھنجي وڏڙن جي زمين ڏيکاري پوليس جي مدد سان قبضو ڪرڻ چاھي ٿو ، جڏھن تہ ھن پراپرٽي جو ڪيس پڻ ڪورٽ سڳوري ۾ ھلندڙ آھي ۽ علي بخش ملاح دولتپور پوليس ساڻ ڪري روزانو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سان گڏ قبضو ڪري علائقي ۾ امن و امان خراب ڪري ھتي خونريزي ۽ قبائلي جھڙا ڪرائڻ چاھين ٿا جيڪي اسان دولتپور جا شھري ڪڏھن بہ انھن جي سازشن کي ڪامياب نہ ٿيڻ ڏينداسين ، اسان قانون جو احترام ڪيو آھي ۽ ڪندا رهنداسين اسان جي معززين ھميشه عوام جا گڏ ڏوکي ۽ انھن جي ڇپر ڇانو رھيا آھن ۽ انھن جي خلاف ڪنھن بہ قسم جي سازش برداشت نہ ڪنداسين ، اسين چيف جسٽس آف پاڪستان ، ڊي جي رينجرز سنڌ ، آئي جي سنڌ ، وزير اعلي سنڌ سميت پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت کان گھر ٿا ڪيون تہ قبضا مافيا جي ظلم ۽ ڏاڍائين کان ۽ علائقي جو امن خراب ڪرڻ واري قبضا مافيا کان تحفظ فراھم ڪري انھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن دولتپور جا شھري سک جو ساھ کڻي سگھن
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو