ميگا مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل، زرداري ۽ ٻين جي گرفتاري جو خدشو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدرآصف علي زرداري ۽ ٻين خلاف ميگا مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو آهي. بينڪنگ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي ڪيس جي منتقلي بابت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو آهي. بينڪنگ ڪورٽ نيب جي درخواست منظور ڪندي حڪم ڏنو ته ميگا مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪيو وڃي. عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ۽ ٻين جون عبوري ضمانتون به واپس وٺي ڇڏيون. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ سمورن جوابدارن جي ضمانت واري رقم به خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.جنهن بعد سابق صدر ۽ ٻين جي گرفتاري جو خدشو آهي. فيصلي ٻڌائڻ وقت سابق صدر جو  وڪيل فاروق ايڇ نائڪ عدالت ۾ موجود هو، ان موقعي تي عدالتي احاطي اندر توڙي ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. ڪيس جي منتقلي واري فيصلي سان جوابدارن جي عبوري ضمانت به پاڻمرادو رد ٿي وئي آهي. فاروق نائڪ جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن جي قبل ا۾ز گرفتاري ضمانتن ۽ ڪيس جي اسلام آباد منتقلي واري فيصلي کي چيلينج ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪبو.

پهنجو تبصرو موڪليو