ڀارت 89 رنز تان پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

مانچسٽر(ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت پاڪستان کي 89 رنز تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي فتح جو سلسلو جاري رکيو. 50 اوورز ۾ ڀارت 336 رنز تي پنج رانديگر آئوٽ ٿيا. پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 337 رنز جو ٽارگٽ ڏنو ويو. پاڪستان جي بيٽنگ دوران 35 اوور۾ برسات سبب راند بند ٿي بعد ۾ ڊڪ لوئس ورٿ طريقه ڪار موجب 40 اوورز ۾ پاڪستان لاءِ 302 رنز جو ٽارگيٽ مليو، يعني 30 بالن تي 136 رنز، شاداب ۽ عماد اهو حاصل نه ڪري سگهيا.روهت شرما جي ٽورنامنٽ ۾ ٻئي سينچري ٺاهڻ تي کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ڪوهلي ففٽي هڻي 11000 رنز مڪمل ڪيا. پاڪستان جي بيٽنگ وري ناڪام نظر آئي. حسن علي 9 اوورز ۾ 84 رنز ڏئي مهانگو بالر ثابت ٿيو. ان کان اڳ پاڪستان جي بيٽنگ شروع ٿي ته امام الحق هڪ چوڪو هڻي شنڪر جي بال تي 7 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. بابراعظم 48 رنسون ٺاهي ڪلديپ جي بال تي بولڊ ٿي ويو، حفيظ 7 رنز تي ڪيچ ۽ شعيب ملڪ زيرو تي بولڊ، ٻئي هاردڪ پانڊي جي بالن تي آئوٽ ٿي ويا, ڪپتان سرفراز 42 بالن تي 12 رنز ٺاهي شنڪر جي بال تي بولڊ ٿيو. ان کان اڳ ڀارت جي بيٽنگ ۾ راهول 57 رنسون ٺاهي وهاب جي بال تي بابر اعظم هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، روهت شرما حسن علي جي بال تي وهاب رياض هٿان 140 رنز تي ڪيچ ٿيو. هاردڪ پانڊي عامر جي بال تي بابر هٿان ڪيچ، ڌوني هڪ رن تي ۽ ڪوهلي 77 تي عامر جي بالن تي سرفراز هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيا. ڀارت 46.4 اوورن ۾ 305 رنز تي بيٽنگ جاري هئي ته بارش سبب ميچ روڪيو ويو. ورلڊڪپ 2019 جو فائنل جهڙو دنگل شروع ٿي ويو آهي. سرفراز احمد ٽاس کٽي وزيراعظم عمران خان جي مشوري جي ابتڙ بيٽنگ بدران فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. زخمي شيکر ڌون جي جاءِ تي لوڪيش راهول کي روهت شرما سان اننگ اوپن ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. عامر پهريون اوور ته ميڊن ڪرايو پر حسن علي کي مار پئي. ٻئي فاسٽ بالر پهرين اسپيل ۾ وڪٽ نه وٺي سگهيا. وهاب ۽ عماد قسمت آزمائي رهيا آهن. وهاب جي بال تي يقيني رن آئوٽ مس ڪيو ويو،ٿرو ڪيپر بدران بالر ڏانهن اچڻ سبب اوپنر بچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو