ميمڻ ڳوٺ جي بيواه عورتن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ملير(شهزادو مستوئي) ميمڻ ڳوٺ ۾ بيواهن ۽ معزورن سان با اثرن جو دوکو ،موروثي زمين خريد ڪرڻ بهاني 5 ايڪڙ زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺاهي قبضو ڪري ڇڏيو. رشيده، صبيحا، ياسمين، حفيظان ۽ ٻين بيواهن جي معذور شڪيل ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته علائقي جي با اثرن بشير ۽ اختر ميمڻ ۽ سندن مائيٽ تپيدارن تي ياسين ميمڻ ۽ يونس ميمڻ خلاف احتجاج ڪندي مٿن الزام هنيو آهي ته انهن ملير جي ديھ ملھ ۾ سندس موروثي 5 ايڪڙ سروي زمين نمبر 90 ،91، 92 تي وارثن جي وفات کان پوءُ قبضو ڪري ورتو آهي هاڻ جڏهن اسان جا پٽ جوان ٿيا آهن ته هو سمورا قانوني ڪاغذ کڻي قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ  جدوجهد پيا ڪن جن کي خاموش رهڻ لاءِ قتل جون ڌمڪيون ڏيئي زمين تا هٿ کڻڻ لاءِ ڊيڄاري دٻاءُ وجهي رهيا آهن هنن زمين جي ڪاغذن سميت هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته بشير ميمڻ دلالي ڪندي اختر کي اسان جي وڏن کان سروي نمبر 90 وڪرو ڪرائي جنهن مان مالڪن کي رڳو 58 هزار روپيا ادا ڪيا ويا جڏهن ته ان نمبر ۾ 42 حصيدارن کي في حصيدار 6 لک روپيا ادا نه ڪيا ويا. هنن انڪشاف ڪندي ڄاڻايل بااثرن تي الزام هنيو ته سروي نمبر 90 خريد ڪندڙ اختر ميمڻ بقيا رقم ادا ڪرڻ بدران هڪ گهري سازش ڪري اسان بيواهن ،غريب ۽ اڻ پڙهيل عورتن پيسن جي ادائيگي جي آڙ ۾ سروي نبر 91 جي ڪاغذن تي دوکي آکوٺا لڳرائي ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي ورتا آهن جيڪا اسان سان ظلم آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ روينيو جي صوبائي وزير، روينيو کاتي جا ڪامورن ڊي سي ملير ،سيڪريٽري روينيو کي اپيل ڪئي ته اسان غريب بيواهن جون زمينون واپس ڪرايون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو