ميزان بينڪ فراڊ، شاگردياڻي تي 10 سالن جي ويزا پابندي

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) واپاري ۽ ٽريڊ يونين جي اڳواڻ حاجي نظام الدين ميمڻ پريس ڪانفرنس ۾  ٻڌايو ته منهنجي نُنھن فحرين اسد ميزان بينڪ سڪرنڊ برانچ ۾ اڪائونٽ کولرايو جنھن ۾ هن تقريبا 12 لک رپيا رکرايا اهو امائونٽ انگلينڊ جي ويزا لاءِ ڏنل درخواست جي ڊپازٽ طور رکيو ويو هو. ڏيڍ مهيني کان پوءِ فحرين کي انگلينڊ ويزا لاءِ بينڪ اسٽيٽمنٽ جي ضرورت پئي تہ بينڪ جي عملي اسان کي بينڪ اسٽيٽمنٽ ڪڍي ڏني جيڪا برطانوي سفارتخاني جعلي قرار ڏيندي ويزا نه ڏني ۽ ڪوڙا  ڪاغذات جمع ڪرڻ ڏهن سالن لاءِ بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو. برانچ جي عملي پنھنجي غلطي جو ايريا مينيجر نوابشاھ حفيظ خاصخيلي آڏو زباني کليل اعتراف ڪيو ۽ بار بار معذرت ڪئي. جنهن سبب هوءَ اعلیٰ تعليم ۽ مڙس وٽ رهڻ لاءِ لنڊن نه وڃي سگهي. انگلينڊ ۾ وڪيل ٻڌايو تہ جيڪڏهن بئنڪ لکت ۾ ڏي تہ اها سندن غلطي آهي ته پوءِ ڪيس ڪري سگهجي ٿو. اسين بئنڪ سان رابطو ڪيو ته  ايريا مينيجر نوابشاھ اسان کي مسلسل اهي آسرا ۽ ڏٽا ڏنا تہ ليٽر ڏيون ٿا پر اڃا ناهي مليو. مان ميڊيا ذريعي وزير اعظم ۽ چيف جسٽس کي اپيل ٿو ڪريان ته اسان جي نياڻي جو ڪيريئر خراب ٿيڻ کان بچايو.

پهنجو تبصرو موڪليو