ميرٽ تي احتساب هجي ها ته اڳ ۾ عليمه باجي پڪڙجي ها،وساڻ

خيرپور(مجاهد سولنگي ) پي پي ايم اين اي نواب علي وساڻ چيو آهي ته سليڪٽڊ وزير اعظم عمران خان کي سوچڻ گهرجي ته حڪومت هلائڻ ڪنهن کلاڙي جو ڪم ناهي هڪ سال ۾ ملڪ جو ٻيڙو ٻپڙي ڇڏيو آهي هاڻي حڪومت جون ٽنگون ڏڪڻ شروع ٿي ويون آهن ته هنن عوام جي لاء ڪجهه به ناهي ڪيو. اهڙو اظهار هن آرٽ ڪائونسل پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير سڄو ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪري سستي شهرت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا وفاقي وزير به سليڪٽڊ آهن آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جو قصور صرف ايترو آهي ته هنن عوام جي فلاح بهبود لاء ڪم ڪيا پاڪستان پيپلز پارٽي قائدين ۽ ڪارڪن جيلن کان گهٻرائڻ وارا ناهن، سليڪٽڊ وزير اعظم جيترو اپوزيشن جي گرفتاري تي زور لڳائي رهيو آهي اوترو زور ڪشمير جي آزادي لاء لڳائي ها ته رزلٽ سٺو نڪري ها. پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف  ڪشمير مسئلي تي واضح آهي ته ڪشمير بني گا پاڪستان مودي سرڪار ڪشمير فتح ڪرڻ جو خواب ڇڏي ڏئي. هن وڌيڪ چيوب ته اگر ميرٽ تي احتساب ٿئي ها ته پهريون سليڪٽڊ وزير اعظم جي ڀيڻ عليمه جيل ۾ هجي ها جنهن سان لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ ٻٽو نظام پيو هلي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو