موٽر وي ريپ ڪيس جو ملزم وقارالحسن گرفتاري ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) موٽر وي گينگ ريپ ڪيس ۾ پوليس کي گهربل ملزم وقارالحسن پوليس سان رابطو ڪري پاڻ پيش ٿي ويو آهي. هن پوليس کي ٻڌايو ته هو ان واقعي ۾ ملوث ناهي سندس نالي تي فون جي جاري ڪيل سم سندس سالو استعمال ڪندو آهي جيڪو مک جوابدار عابد جو اڄڪلهه ويجهو دوست آهي. هن سي آءِ اي پنجاب کي جاچ دوران ٻڌايو ته هو اڳ ۾ ملزم عابد سان ڪجهه ڪيسن ۾ شريڪ ملزم رهيو آهي پر موٽر وي ڪيس ۾ هو ساڻس گڏ نه هو. پوليس کائنس وڌيڪ جاچ ڪري پئي. ياد رهي ته 9 سيپٽمبر تي لاهور کان گجرانوالا ويندي موٽر وي تي تيل ختم ٿيڻ سبب ٽن ٻارن جي ماءُ ٻارن سميت ڪار ۾ ويٺي هئي ته ٻن جوابدارن کيس پاسي ۾ جهنگ ۾ وٺي وڃي ٻارن جي سامهون جنسي حوس جو نشانو بڻايو هو. پوليس ان ڪيس ۾ ملزم عابد ۽ وقار شاهه کي نامزد ڪيو هو. عابد فرار آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو